اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ماريشس جي سفير منصور ڪريم بخش پاڪستان سان واپاري، ثقافتي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو ته ماريشس هڪ ٻيٽ جهڙو ملڪ آهي، جنهن جي چوڌاري سمنڊ آهي، آبادي تقريبن 1.2 ملين آهي، ملڪ 1968ع ۾ آزادي حاصل ڪئي، جڏهن ته 1992ع ۾ جمهوريه بڻيو. ماريشس ۾ تعليم مفت آهي ۽ ملڪ 1980ع جي ڏهاڪي کان سياحت تي خاص ڌيان ڏيڻ شروع …
پاڪستان ۽ ماريشس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، انهن مان ٻئي ملڪ فائدو کڻي سگهن ٿا: ماريشس سفير
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ماريشس جي سفير منصور ڪريم بخش پاڪستان سان واپاري، ثقافتي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو ته ماريشس هڪ ٻيٽ جهڙو ملڪ آهي، جنهن جي چوڌاري سمنڊ آهي، آبادي تقريبن 1.2 ملين آهي، ملڪ 1968ع ۾ آزادي حاصل ڪئي، جڏهن ته 1992ع ۾ جمهوريه بڻيو. ماريشس ۾ تعليم مفت آهي ۽ ملڪ 1980ع جي ڏهاڪي کان سياحت تي خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن سبب اڄ سياحت ان جي معيشت جو اهم شعبو آهي. ماريشس جي معيشت مضبوط ۽ ملڪ پُرامن آهي، سياحت کان علاوه آءِ ٽي ۽ مينيوفيڪچرنگ به اهم شعبا آهن، پاڪستان ۽ ماريشس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن جن مان ٻئي ملڪ فائدو کڻي سگهن ٿا. ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪٻئي جي باري ۾ وڌيڪ آگاهي جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي پروگرام ميٽ دي پريس ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اين پي سي پهچڻ تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر عبدالرزاق سيال ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو سفير جو استقبال ڪيو ۽ کيس ڀليڪار چيو. ماريشس جي سفير چيو ته هو 2024ع کان پاڪستان ۾ مقرر آهي ۽ پاڪستان اچي کيس تمام گهڻو سٺو محسوس ٿيو. پاڪستاني عوام انتهائي مهمان نواز، محبت ڪندڙ ۽ دوستاڻو رويو رکندڙ آهي، ان لاءِ کيس هتي اوپرائپ جو احساس نه ٿيو. هن پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوراڻي پس منظر جي باري ۾ ٻُڌايو ته سندس تعليم سوشل ورڪ ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن جي شعبي ۾ آهي، جڏهن ته هو تعليم، سماجي شعبي ۽ يونين سرگرمين سان واڳيل رهيو آهي. سفارتڪاري ان لاءِ نئون شعبو آهي، جڏهن ته ڪنهن به نئين ڪم ۾ اچڻ کان اڳ هو ڀرپور تحقيق کي ضروري سمجهي ٿو. سفير چيو ته ماريشس 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سياحت تي خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن سبب اڄ سياحت ان جي معيشت جو اهم شعبو آهي. هن چيو ته ماريشس جي معيشت مضبوط ۽ پُرام ملڪ آهي. سياحت کان علاوه آءِ ٽي ۽ مينيوفيڪچرنگ به اهم شعبا آهن. پاڪستان ۽ ماريشس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن مان ٻئي ملڪ فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي واپار واري وزارت جي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آزاد واپار جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني سيڙپڪارن لاءِ ماريشس ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سندس ترجيح ٻنهي ملڪن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطا، شاگردن جي مٽاسٽا، سياحت ۽ تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. ان سلسلي ۾ سيپٽمبر ۾ نوجوانن جي حوالي سان هڪ سيمينار منعقد ڪرڻ جو منصوبو آهي، جڏهن ته هائر ايجيوڪيشن سميت لاڳاپيل ادارن سان رابطا جاري آهن.











