وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ناڻي واري وزير جي صلاحڪار عدنان پاشا جي ملاقات

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار عدنان پاشا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. ملاقات دوران عدنان پاشا نيوٽريشن ۽ اسٽنٽنگ بابت نَون منصوبن جي حوالي سان وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ماءُ …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار عدنان پاشا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. ملاقات دوران عدنان پاشا نيوٽريشن ۽ اسٽنٽنگ بابت نَون منصوبن جي حوالي سان وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت سڌيءَ ريت غذائيت سان جُڙيل آهي، غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان سواءِ صحت جا گهربل هدف حاصل نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 11 هزار مائرون ٻار ڄڻڻ دوران زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويهن ٿيون، جڏهن ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ سبب تقريبن 43 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن. صحت واري وزير چيو ته ماءُ جي مناسب غذا صحتمند ٻار جو بنياد آهي، جڏهن ته صحتمند ٻار ئي صحتمند ۽ مضبوط معاشي جو بنياد بڻجن ٿا. مصطفيٰ ڪمال هدايت ڪئي ته غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ، اسٽنٽنگ جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ لاءِ قابل عمل سفارشن ۽ مربوط حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته غذائيت جي مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مؤثر رابطو ۽ مضبوط قدم ضروري آهن ته جيئن ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان جٽادار بهتري آڻي سگهجي.