حيدرآباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسڪالرشپ چيڪ ورهائڻ واري تقريب منعقد ٿي، جنهن جو افتتاح تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع ۽ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري شاگردن ۾ چيڪ ورهائي ڪيو. تقريب ۾ مجموعي طور 1074 شاگردن ۽ شاگرياڻين ۾ 5 ڪروڙ 25 لک 77 هزار رپين جا چيڪ …
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسڪالرشپ چيڪ ورهائڻ واري تقريب منعقد، مجموعي طور 1074 شاگردن ۽ شاگرياڻين ۾ 5 ڪروڙ 25 لک 77 هزار رپين جا چيڪ ورهايا ويا

مزید خبریں
حيدرآباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسڪالرشپ چيڪ ورهائڻ واري تقريب منعقد ٿي، جنهن جو افتتاح تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع ۽ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري شاگردن ۾ چيڪ ورهائي ڪيو. تقريب ۾ مجموعي طور 1074 شاگردن ۽ شاگرياڻين ۾ 5 ڪروڙ 25 لک 77 هزار رپين جا چيڪ ورهايا ويا. تقريب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر جي مک آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي. ان موقعي تي صوبائي وزيرِ سيد سردار علي شاهه چيو ته نوجوان اڪثر ڪري مناسب ڪيريئر ڪائونسلنگ نه هجڻ سبب وڏن جي خواهش موجب يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا، جنهن ڪري هو پڙهن ڪجهه ٿا ۽ مستقبل ۾ بڻجن ڪجهه ٻيو ٿا. هن چيو ته هو پاڻ جڏهن ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته شاعري شروع ڪيائين پر سندس داخلا سول انجنيئرنگ ۾ ڪرائي وئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاگردن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪيتري اهم آهي. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ شاگردن جون داخلائون مناسب ڪيريئر ڪائونسلنگ ذريعي ڪرايون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ملڪ کي بهتر انساني وسيلو ۽ باصلاحيت افرادي قوت ملي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته تعليم جو مقصد رڳو نوڪري حاصل ڪرڻ نه، پر شعور ۽ سوچ پيدا ڪرڻ آهي، تنهن ڪري نوجوانن کي صرف نوڪرين جي حصول کي مقصد بڻائڻ بدران معياري تعليم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صوبائي وزير چيو ته اسڪالرشپس صرف ميرٽ جي بنياد تي ملڻ گهرجن ۽ سنڌ حڪومت ميرٽ کي اوليت ڏيندي هڪ لک استادن جون ڀرتيون ڪيون آهن. هن چيو ته اسان جي ميرٽ ڪرڻ جا ڪيترائي مثال موجود آهن، هڪ لک استاد ڀرتي ڪرڻ دوران هڪ اهڙي شاگرد پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن جي ڳوٺ ۾ اسڪول جي سهولت به موجود نه هئي. سيد سردار علي شاهه چيو ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ روايتي نوڪرين جا موقعا گهٽجي رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ روبوٽ پنج ماڻهن جو ڪم ڪري سگهي ٿو ته ادارن کي ايترا ملازم رکڻ جي ضرورت ڇو پوندي؟ هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سائنسي تعليم، خاص طور ڪمپيوٽر سائنس ۽ مصنوعي ذهانت جي تعليم حاصل ڪن ته جيئن مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. هن واضح ڪيو ته هو مصنوعي ذهانت جي خلاف ناهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اي آءِ بابت سندس ڳالهه ٻولهه کي غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو. هن چيو ته سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ مهارتون حاصل ڪرڻ سان نوجوان تبديل ٿيندڙ روزگار جي مارڪيٽ ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن ٿا. صوبائي وزير چيو ته ايران جي سائنسي تعليم ۽ مصنوعي ذهانت ۾ ترقيءَ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تعليمي ادارن ۾ سائنس جي تعليم ۽ ليبارٽرين جي واڌاري تي زور ڏنو ۽ پاڻ ادارن ۽ ليباريٽرين جا دورا ڪندو رهيو. اهو ئي سبب آهي ته ايران اڄ آمريڪا جهڙي سپر پاور کي شڪست ڏني آهي. هن چيو ته آمريڪا خلاف ايران جي جنگ ۾ ڪاميابي کي معجزو نه سمجهيو وڃي پر ثابت ٿي ويو آهي ته ايران جديد سائنسي تعليم ۽ مصنوعي ذهانت ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هن بنگلاديش ۾ شاگردن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ آيل تبديلي ۽ ڀارت ۾ شاگردن جي احتجاجن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ نوجوانن جي احتجاج سبب نريندر مودي جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي توانائي مثبت سرگرمين، خاص طور اعليٰ تعليم جي حاصلات تي صَرف ڪرڻ گهرجي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع چيو ته ملڪ ۽ معاشري جي ترقي لاءِ اعليٰ تعليم جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته اسڪالرشپ صرف رقم جي فراهمي جو نالو ناهي پر اها شاگردن جي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته مالي امداد اهم آهي، پر اصل مسئلو معياري تعليم جي حاصلات آهي، جيڪڏهن مالي سهڪار فراهم ڪرڻ باوجود تعليمي معيار ۾ بهتري نه اچي ته اها وڏي نقصان جي ڳالهه هوندي ۽ تعليم سان لاڳاپيل سمورين ڌرين کي ان بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. هن شاگردن کي محنت ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪندي چيو ته اهي ئي پاڪستان جو مستقبل آهن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته اسڪالرشپ جي فراهمي جو بنيادي مقصد ڪنهن به شاگرد کي مالي مسئلن سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ کان بچائڻ آهي. هن چيو ته هاڻي فيس نه هجڻ سبب مادر علمي جو ڪو به شاگرد تعليم ڇڏڻ تي مجبور نه ٿيندو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا استاد پنهنجي پگهارن مان ماهوار ڪٽوتي ڪرائي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هاڻي آفيسر ۽ ننڍا ملازم پڻ پنهنجي پگهارن مان شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ رقم ڪٽائڻ تي رضامند ٿيا آهن، جيڪو هڪ وڏي جذبي ۽ قرباني جو مثال آهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير، هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ ۽ خاص طور سنڌ جي وڏي وزير جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي ۽ تحقيقي معيار کي وڌيڪ بلند ڪيو ويندو.











