اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي جي رات شاهه عبدالطيف ڪاظمي المعروف بري امام جي 321هين عرس جي موقعي تي مزار تي چادر چاڙهي ۽ گل چاڙهيا. تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪار بري امام جي عرس تي سمورن عقيدتمندن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته تصور جي هڪ جدا دنيا …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بري امام جي مزار تي حاضري ڀري
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي جي رات شاهه عبدالطيف ڪاظمي المعروف بري امام جي 321هين عرس جي موقعي تي مزار تي چادر چاڙهي ۽ گل چاڙهيا. تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪار بري امام جي عرس تي سمورن عقيدتمندن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته تصور جي هڪ جدا دنيا آهي، هي اهي بزرگ هستيون آهن جن جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو، حضور پاڪ ﷺ فرمائيندا هئا مون کي هن خطي مان ٿڌيءَ هوا اچي ٿي. اسحاق ڊار چيو ته هو بري امام سرڪار جي مزار تي جڏهن ٻاروتڻ ۾ ايندو هو ته ماحول ٻيو هوندو هو اڄ ماحول ٻيو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌايو ته 13 آگسٽ 1999ع تي نواز شريف بري امام سرڪار جي درٻار تي ڪم جي ارٿ بريڪنگ ڪرائي پر بعد ۾ اسان جي حڪومت هلي وئي، 2013ع ۾ اسان جي حڪومت آئي ته درٻار جو ٻيهر ڪم شروع ڪيو، هاڻي ٻئي فيز تي ڪم شروع ٿيندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته حضرت داتا گنج بخش، سرڪار بري امام جهڙين هستين جي سدائين مون تي ڪرم نوازي رهي آهي. اسان 14 آگسٽ تي بري امام سرڪار جي عرس جو ڏينهن رکيو ۽ انشاءَ الله قيامت تائين اهو هلندو رهندو. هن چيو ته 2017ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي طاقت بڻجي چڪو هو، پاڪستان ۾ الله هر شيءَ رکي آهي، پاڪستان کي الله ائٽمي قوت بڻايو، هاڻي پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻو آهي. اسحاق ڊار چيو ته اسان وٽ قيمتي معدنيات آهن جن مان فائدو کڻي پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جڏهن ترقي ڪرڻ لڳي ٿو ته ان جي خلاف اندروني ۽ ٻاهريون سازشون شروع ٿي وڃن ٿيون هاڻي پاڪستان جي خوش قسمتي آهي جنهن کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جهڙو آرمي چيف مليو آهي، ٻه سال ٿي ويا هاڻي ڊيفالٽ جي ڳالهه نه ٿي ٿئي. هاڻي سفارتي طور تي پاڪستان جو مقام بلند ٿيو آهي ۽ ڪيتريون ئي ڏروس تبديليون آيون آهن، مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره اسان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز آهي، پهرين سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ڪيو ويو ۽ هاڻي 7 آگسٽ تي ترڪيه، سعودي عرب ۽ پاڪستان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، اها مسلمان امت جي لاءِ تمام گهڻي خوشي جي خبر آهي ۽ اهو سڀ الله جي ڪرم سان ممڪن ٿيو. عرس جي تقريب ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي ۽ علي ڊار پڻ موجود هئا.











