سپريم ڪورٽ ۾ يوم آزادي جي شاندار تقريب منعقد، پريس روم جو افتتاح

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ خان آفريدي چيو آهي ته آزادي پاڻ سان گڏ قدرن جي پاسداري، حقن جي تحفظ ۽ رياستي ادارن تي شهرين جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ جي مستقل ذميواري آڻيندي آهي، قيام پاڪستان کي ممڪن بڻائڻ واري ويزن، قربانين ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته يوم آزادي اسان کي پنهنجي قومي ۽ آئيني ذميوارين جي …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ خان آفريدي چيو آهي ته آزادي پاڻ سان گڏ قدرن جي پاسداري، حقن جي تحفظ ۽ رياستي ادارن تي شهرين جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ جي مستقل ذميواري آڻيندي آهي، قيام پاڪستان کي ممڪن بڻائڻ واري ويزن، قربانين ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته يوم آزادي اسان کي پنهنجي قومي ۽ آئيني ذميوارين جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جاري پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي پُروقار ۽ جامع تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ خان آفريدي، سپريم ڪورٽ جي معزز ججز، رجسٽرار، آفيسرن، عملي ۽ سندن ٻارن شرڪت ڪئي. برابري، شموليت ۽ مذهبي هم آهنگي جي آئيني عزم جي اظهار طور قومي جهنڊو گڏيل طور تي ڦڙڪايو ويو. اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ٻارن، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ جي معزز ججن قومي جهنڊو ڦڙڪايو جڏهن ته هندو پنڊت، مسيحي پادري ۽ مسلمان عالم سڳورا به جهنڊو ڦڙڪائڻ ۾ شريڪ ٿيا. پوليس بينڊ قومي تراني جي ڌن پيش ڪئي ۽ تقريب قومي جذبي ۽ وقار سان ڀرپور رهي. مختلف مذهبي برادرين جي شرڪت ان پيغام کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سمورن شهرين جو هڪجهڙو ملڪ آهي ۽ ملڪ جي طاقت ان جي جدت، اتحاد ۽ آئيني قدرن سان گڏيل وابستگي ۾ آهي. چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي تقريب ۾ شريڪ ٻارن سان شفقت سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کين ڪورٽ روم نمبر هڪ وٺي ويو جتي ٻارن کي سپريم ڪورٽ جي عدالتي ماحول کان روشناس ڪرايو. ان کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان، سپريم ڪورٽ جي معزز ججن ۽ ٻارن يوم آزادي جو ڪيڪ گڏيل طور تي ڪٽيو، جنهن يوم آزادي جي گڏيل خوشي ۽ قومي جذبي جي عڪاسي ڪئي. چيف جسٽس يوم آزادي جي موقعي تي قوم ۽ قانوني برادري کي مبارڪون ڏنيون ۽ قيام پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ميڊيا جي پهچ، شفافيت ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پريس روم به جو به افتتاح ڪيو ويو. پريس روم جو افتتاح چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ جي معزز ججن جي موجودگي ۾ صدر پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ عمران وسيم ۽ جنرل سيڪريٽري امانت رضا گشڪوري ڪيو. پريس روم جو قيام جو مقصد عدالتي ڪارروائي ۽ اداره جاتي سرگرمين جي وقت سر ۽ موثر ڪوريج ۾ ڪورٽ رپورٽرز کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. نئين سهولت ذريعي ڪورٽ رپورٽرز کي سپريم ڪورٽ ۾ مختص ۽ سازگار ورڪ اسپيس سان گڏوگڏ عدالتي معلومات تائين بهتر ۽ وقت سر رسائي ميسر ايندي. پريس روم جو قيام ميڊيا جي پهچ ۽ اداره جاتي شفافيت وڌائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جاري قدمن جو حصو آهي.