اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙو جي ڌيءَ پريويش حاڪم ھانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ ايشين سائنس ڪئمپ ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو. سنڌ سان تعلق رکندڙ باصلاحيت شاگردياڻي پريوش حاڪم ٻرڙو هانگ ڪانگ ۾ منعقد ٿيل ايشين سائنس ڪيمپ 2026ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سلور ميڊل حاصل ڪري پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جو نالو روشن ڪري ڇڏيو. ايشين …
سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙو جي ڌيءَ پريويش حاڪم ھانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ ايشين سائنس ڪئمپ ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙو جي ڌيءَ پريويش حاڪم ھانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ ايشين سائنس ڪئمپ ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو. سنڌ سان تعلق رکندڙ باصلاحيت شاگردياڻي پريوش حاڪم ٻرڙو هانگ ڪانگ ۾ منعقد ٿيل ايشين سائنس ڪيمپ 2026ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سلور ميڊل حاصل ڪري پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جو نالو روشن ڪري ڇڏيو. ايشين سائنس ڪيمپ پهرين کان 8 آگسٽ 2026ع تائين هانگ ڪانگ جي هانگ ڪانگ يونيورسٽي (ايڇ ڪي يو) ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان نوجوان سائنسدانن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. پريوش حاڪم 48 ملڪن جي 350 نمائندن سان مقابلو ڪندي سلور ايوارڊ حاصل ڪيو، جيڪو ملڪ لاءِ هڪ اهم اعزاز قرار ڏنو پيو وڃي. پاڪستان سائنس فائونڊيشن (پي ايس ايف) پاران ميرٽ ۽ شفاف چونڊ واري عمل تحت پاڪستان مان پنج شاگردن تي ٻڌل وفد چونڊيو ويو.











