اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گهڻ رخي معاملن تي مشاورتي اجلاس پيرس ۾ ٿيو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري نبيل منير ڪئي جڏهن ته فرانس جي وفد جي قيادت يورپ ۽ پرڏيهي معاملن …
پاڪستان ۽ فرانس پاران گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گهڻ رخي معاملن تي مشاورتي اجلاس پيرس ۾ ٿيو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري نبيل منير ڪئي جڏهن ته فرانس جي وفد جي قيادت يورپ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي گڏيل قومن بابت ڊائريڪٽر ناٿالي براڊهرسٽ ڪئي. مشاورتي اجلاس پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ ٻطرفي روڊ ميپ (2023ع) تحت ٿيو، جنهن جو مقصد گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ فرانس ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي طرفن کان گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي لاءِ 2030ع جي ايجنڊا ۽ ترقياتي مقصدن جي لاءِ مالي مدد بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي نظام ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن سان پنهنجي گڏيل وابستگي جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفن کان تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ امن ۽ سلامتي جي معاملن تي گڏيل قومن سميت مختلف فورمز ۾ گڏيل رابطو ۽ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مشاورت ۾ گڏيل قومن جي امن ڪاررواين، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل قومن ۾ سڌارن جهڙا اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. اجلاس خوشگوار ماحول ۾ ٿيو ۽ ان موقعي تي ڌرين گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو، گڏيل تعاون جي نئين موقعن جي نشاندهي ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گهڻ رخي معاملن تي مشاورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.










