فارماسيوٽيڪل صنعت کي 2035ع تائين 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ايڪسپورٽ جي قومي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال فارماسيوٽيڪل شعبي کي چٽاڀيٽي، جدت تي ٻڌل ۽ عالمي سطح تي ايڪسپورٽ تي ٻڌل صنعت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ترجيحن، سڌارن ۽ حڪومتي مدد جي ضرورتن جي نشاندهي لاءِ هڪ مهيني جي صنعت گير مشاورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته فارماسيوٽيڪل صنعت کي 2035ع تائين 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ايڪسپورٽ جي قومي …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال فارماسيوٽيڪل شعبي کي چٽاڀيٽي، جدت تي ٻڌل ۽ عالمي سطح تي ايڪسپورٽ تي ٻڌل صنعت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ترجيحن، سڌارن ۽ حڪومتي مدد جي ضرورتن جي نشاندهي لاءِ هڪ مهيني جي صنعت گير مشاورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته فارماسيوٽيڪل صنعت کي 2035ع تائين 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ايڪسپورٽ جي قومي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن فارما سيوٽيڪل صنعت سان لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گول ميز اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته شعبي کي مالي سال 2025ع ۾ 457 ملين ڊالرن جي رڪارڊ ايڪسپورٽ، جيڪا 20 سالن جي بلند ترين سطح آهي، جي بنياد تي وڌيڪ ترقي ڪرڻ گهرجي ۽ 2035ع تائين 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ايڪسپورٽ جي قومي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄاڻايل مشاورت ۾ صنعت، تعليمي ادارن ۽ تحقيقي ادارن کي شامل ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي نتيجي ۾ 2030ع ۽ ان کانپوءِ جي عرصي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارو واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ ضابطه جاتي، انتظامي، مالياتي، پيداواري ۽ مارڪيٽ تائين پهچ جي رڪاوٽن ۽ حڪومت طرفان گهربل مدد جي نشاندهي ڪئي وڃي. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا اسان ايندڙ 10 سالن ۾ پاڪستان کي دنيا جي فارماسيوٽيڪل مرڪز بڻائي سگهون ٿا؟ هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪي ۽ عالمي ويليو چينز ۾ موجود خال کي ڀرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي مارڪيٽن ۾ ميڊ ان پاڪستان معيار ۽ اعتماد جي علامت بڻجي سگهي. هن چيو ته حڪومت جو ڪردار نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ، سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پاليسين جو تسلسل يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن صنعتون ترقي، جدت ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي ڪري سگهن.  فارما سيوٽيڪل شعبي مالي سال 2025ع ۾ 523 ارب روپين جي آمدني حاصل ڪئي جيڪا 19.4 سيڪڙو جي اضافي کي ظاهر ڪري ٿي جڏهن ته هن وقت صنعت ۾ 662 مينوفيڪچرز موجود آهن، شعبي جي روڊ ميپ تحت ايڪسپورٽ کي 457 ملين ڊالرن کان وڌائي 2 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ، ان کانپوءِ ٽن سالن جي اندر فارماسيوٽيڪل ذريعي 3 ارب ڊالرز ۽ 8 سالن اندر 10 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته ايڪسپورٽ حڪمت عملي ۾ عالمي ضابطه جاتي گهرجن ۽ معيار کي مرڪزي حيثيت حاصل هجڻ گهرجي. پاڪستان کي هن وقت ڊبليو ايڇ او جي ليول 2 جي 52 ملڪن جي منڊين تائين پهچ حاصل آهي جڏهن ته اپريل 2027ع تائين ڊبليو ايڇ او ليول 3 جو درجو حاصل ڪرڻ جو هدف آهي جنهن سان امڪاني طور تي 150 کان وڌيڪ مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ٿي سگهندي.