اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ناڻي وزارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو. اقتصادي رابطا ڪميٽي موٽر اسپرٽ (پيٽرول) ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن تي نظرثاني بابت معاملي تي غور ۽ ويچار ڪيو ۽ پيٽروليم مصنوعات تي ڊيلرز جي مارجن …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس، پيٽروليم شين تي ڊيلرز جي مارجن تي نظرثاني جي منظوري
اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ناڻي وزارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو. اقتصادي رابطا ڪميٽي موٽر اسپرٽ (پيٽرول) ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن تي نظرثاني بابت معاملي تي غور ۽ ويچار ڪيو ۽ پيٽروليم مصنوعات تي ڊيلرز جي مارجن تي نظرثاني جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.











