پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ يوم آزادي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ پاڪستان جو 79 هون يوم آزادي روايتي جوش، جذبي ۽ شاندار انداز ۾ ملهايو ويو. ناظم الامور سعد احمد وڙائچ چانسري لان ۾ منعقد پُروقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جي ميمبرن ۽ سندن ڪٽنبن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم /پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا. …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ پاڪستان جو 79 هون يوم آزادي روايتي جوش، جذبي ۽ شاندار انداز ۾ ملهايو ويو. ناظم الامور سعد احمد وڙائچ چانسري لان ۾ منعقد پُروقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جي ميمبرن ۽ سندن ڪٽنبن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم /پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا. ناظم الامور سعد احمد وڙائچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي پختي عزم جي صرف فتح ئي نه هئي پر هڪ ڌار ملڪ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس مقدر جي تڪميل به بڻيو. هن چيو ته گذريل سالن دوران پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جو سبب آهي. هن ملڪ لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ عظيم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪي دفاع ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اصولن تي پختو يقين رکي ٿو. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي معاهدو علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم سنگ ميل آهي.