پرڏيهي سفيرن پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي تي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) دوست ملڪن جي سفيرن ۽ سفارتي نمائندن پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏيندي مضبوط ٻطرفن لاڳاپن، امن ۽ علائقائي خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سفارتي ڪور جي ڊين ۽ ترڪمانستان جي سفير عطاد جان موالاموف سفارتي برادري طرفان دلي مبارڪون ڏيندي پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار ۽ امن ۽ ڳالهين لاءِ …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) دوست ملڪن جي سفيرن ۽ سفارتي نمائندن پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏيندي مضبوط ٻطرفن لاڳاپن، امن ۽ علائقائي خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سفارتي ڪور جي ڊين ۽ ترڪمانستان جي سفير عطاد جان موالاموف سفارتي برادري طرفان دلي مبارڪون ڏيندي پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار ۽ امن ۽ ڳالهين لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن ترڪمانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي دوستي کي به اجاگر ڪيو ۽ حڪومت، پرڏيهي وزارت، رياستي ادارن، ميڊيا ۽ ڪاروباري برادري طرفان سفارتي ڪور لاءِ تعاون کي ساراهيو.  انڊونيشيا جي سفير چندر اوارسينانتو سوڪوتجو انڊونيشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرن تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رابطن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قومي ڏينهن ۾ صرف ٽن ڏينهن جو فرق آهي. هن پاڪستان لاءِ مسلسل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي خواهش جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام جي پڄاڻي پاڪستان زنده باد جي لفظن سان ڪيو. ازبڪستان جي سفير  عليشير تختائيف ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ خاص ڪري اقتصادي انضمام ۽ تعاون جي نون شعبن جي حوالي سان اعتماد جو اظهار ڪيو. فلپائن جي سفير ڊاڪٽر ايمانوئل آرفانانڊيز به پاڪستان کي دلي مبارڪون ڏيندي اقتصادي خوشحالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل پراڻڻ لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرن تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ويٽنام جي سفير فام آن ٽوان به گرمجوشي سان مبارڪون ڏيندي مختلف شعبن ۾ ويٽنام ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي مسلسل مضبوط ۽ وسيع هجڻ کي اجاگر ڪيو. تاجڪستان جي سفير يوسف توئر شريف زاده پاڪستان کي تاجڪستان جو هڪ اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ صدين جي پراڻي تاريخي ۽ ثقافتي رابطن کي اجاگر ڪيو. ڪرغزستان جي ناظم الامور ايبڪ ٽيلي باليف ڪرغزستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ويجهي دوستي جو ورجاءُ ڪندي وڌيڪ تعاون ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي اميد ظاهر ڪئي. روس جي سفير البرٽ پي خوروف پاڪستاني عوام جي بهادري ۽ عزم کي ساراهيندي روس ۽ پاڪستان وچ ۾ تعميري لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. انهن سمورن پيغامن ۾ سفارتي برادري طرفان پاڪستان لاءِ خير سگالي ۽ ملڪ ۾ مسلسل امن، استحڪام، خوشحالي ۽ ترقي جي حوالي سان گڏيل اميدن جو اظهار ڪيو ويو.