سيپا حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جي شاندار تقريب، ماحولياتي تحفظ ۽ وڻڪاري لاءِ عزم جو اظهار

حيدرآباد-14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون، سيڪريٽري ماحوليات فيصل احمد عقيلي ۽ (سيپا) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عاشق علي لانگاهه جي خاص هدايتن تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ جشن آزادي پاڪستان جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا ڪئي وئي. تقريب ۾ آفيسرن ۽ ملازمن ماحولياتي تحفظ، وڻڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صاف سٿري ۽ …

حيدرآباد-14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون، سيڪريٽري ماحوليات فيصل احمد عقيلي ۽ (سيپا) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عاشق علي لانگاهه جي خاص هدايتن تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ جشن آزادي پاڪستان جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا ڪئي وئي. تقريب ۾ آفيسرن ۽ ملازمن ماحولياتي تحفظ، وڻڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صاف سٿري ۽ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.وزيراعليٰ سنڌ جي ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون، سيڪريٽري ماحوليات، فيصل احمد عقيلي ۽ سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عاشق علي لانگاهه جي هدايتن تي سيپا ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب جي شروعات قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي سيپا ريجن حيدرآباد جي ريجنل انچارج علي نواز ڀنڀرو چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت ۽ اسان جي بزرگن جي لازوال قربانين جو ثمر آهي. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر فرد کي پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري ۽ خلوصِ نيت سان ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته صاف، سرسبز ۽ صحتمند ماحول جو تحفظ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جو اهم حصو آهي. ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي، قدرتي وسيلن جي تحفظ ۽ ماحولياتي قانونن تي مؤثر عملدرآمد لاءِ سيپا پنهنجي ذميوارين کي ڀرپور نموني ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.علي نواز ڀنڀرو عوام تي زور ڀريو ته وڌ کان وڌ ماحول دوست وڻ پوکيا وڃن، جيئن ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ صاف، سرسبز ۽ صحتمند ماحول کي يقيني بڻائي سگهجي.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان جي ترقي سان گڏ ماحول جي تحفظ، وڻڪاري ۽ صاف سٿري ۽ صحتمند معاشري جي قيام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.تقريب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر (ليگل) قطب الدين درس، ڊپٽي ڊائريڪٽر (ليب) عبدالرؤف قريشي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ٽيڪنيڪل) محمد متارو خان سميت ٻيا آفيسر ۽ عملو پڻ موجود هو. تقريب جي پڄاڻي تي يومِ آزادي جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.