سنڌ جي گورنر هائوس ۾ جشنِ آزادي جي مناسبت سان هڪ شاندار تقريب منعقد، تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز، سفارتي نمائندن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، فنڪارن، نامور شخصيتن ۽ ٻين معزز مهمانن جي شرڪت

ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر هائوس ۾ جشنِ آزادي پاڪستان جي مناسبت سان هڪ پروقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز، سفارتي نمائندن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، فنڪارن، نامور شخصيتن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي سڀني …

ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر هائوس ۾ جشنِ آزادي پاڪستان جي مناسبت سان هڪ پروقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز، سفارتي نمائندن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، فنڪارن، نامور شخصيتن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي سڀني شرڪت ڪندڙن کي جشنِ آزادي جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان رڳو هڪ ملڪ نه، پر هڪ عظيم نظريي ۽ فڪر جو نتيجو آهي، جيڪو قائداعظم محمد علي جناحؒ جي انٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو. پاڪستان جي قيام وقت لکين ماڻهن هجرت ڪئي ۽ آزاد وطن جي حصول لاءِ بي شمار قربانيون ڏنيون، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو.گورنر سنڌ چيو ته اڄ اسان کي عهد ڪرڻو پوندو ته پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪنداسين. نوجوان پاڪستان جو قيمتي سرمايو آهن، انهن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪرڻي پوندي ۽ پاڻ کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻو پوندو.هن چيو ته پاڪستاني نوجوان مصنوعي ذهانت  ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ دنيا سان گڏ قدم کان قدم ملائي اڳتي وڌن. مستقبل جا معمار ڏاهپ، حڪمت ۽ ذميواري جي احساس سان اڳتي وڌن. نوجوانن کي مثبت، تعميري ۽ صحتمند سرگرمين جو حصو بڻجڻ گهرجي. اخلاق کانسواءِ ذهانت خطرو بڻجي سگهي ٿي.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستاني نوجوان علامه اقبالؒ جا شاهين آهن ۽ انهن کي بلند مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بلند حوصلي سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن يومِ آزادي جي موقعي تي پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي سلام ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن جون قربانيون اسان جي آزادي ۽ سلامتي جون ضامن آهن.گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ خطي سميت سڄي دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. اسان جنگ جا نه، پر امن، محبت، گڏيل احترام ۽ صلح جا خواهشمند آهيون.تقريب دوران گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي سعودي عرب ۽ ترڪيه جي قونصل جنرلز سان گڏ اسٽيج تي هٿن ۾ هٿ ڏئي مڪي معاهدي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ مسلمان امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.بعد ۾ گورنر سنڌ سعودي عرب، ترڪيه، چين، آمريڪا، ڪويت، بحرين، گڏيل عرب امارات، عراق، قطر، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز سميت معزز مهمانن سان گڏ جشنِ آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. تقريب کي فرسٽ وومين بئنڪ جي صدر اڪرم خاتون پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته نامور ليکڪ، محقق، شاعر ۽ قائداعظم اڪيڊمي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر خواجا رضي حيدر قائداعظم محمد علي جناحؒ جي جدوجهد، فڪر ۽ اصولن بابت مهمانن کي آگاهي ڏني.جشنِ آزادي جي تقريب ۾ نامور گلوڪار ساحر علي بگا قومي نغمن تي شاندار فن جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته لياري جي مشهور فنڪاره ايوَا پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪئي.تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي، جڏهن ته گورنر هائوس سنڌ ۾ جشنِ آزادي جي مناسبت سان شاندار آتشبازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو.