پاڪستان جي 79هين جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايس پي ايس سي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مزارِ قائد تي حاضري

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين رضوان احمد ميمبرن سان گڏجي مزارِ قائد تي حاضري ڀري، مزارِ قائد تي گلن جي چادر چاڙهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب ايس پي ايس سي چيئرمين رضوان احمد ۽ ايس پي ايس سي جي ميمبرن سان گڏجي مزارِ قائد تي حاضري ڀري،گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح …

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين رضوان احمد ميمبرن سان گڏجي مزارِ قائد تي حاضري ڀري، مزارِ قائد تي گلن جي چادر چاڙهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب ايس پي ايس سي چيئرمين رضوان احمد ۽ ايس پي ايس سي جي ميمبرن سان گڏجي مزارِ قائد تي حاضري ڀري،گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪري باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته ايس پي ايس سي جي چيئرمين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا. هن قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪرڻ جو عزم ورجايو ۽ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا پڻ ڪئي.