وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف اندروني ۽ ٻاهرئين معاملن سميت فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران …

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف اندروني ۽ ٻاهرئين معاملن سميت فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان جمعي ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ موجود هئا. وزيراعظم صدر کي مڪه مڪرمه ۾ سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ تاريخي امن معاهدي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. صدر دفاعي تعاون، علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ مسلمان امت جي سلامتي جي فروغ جي حوالي سان ٽه ڌريي امن معاهدي تي موثر عملدرآمد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر زرداري سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين معاملن سميت فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي درپيش معاشي مشڪلاتن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ، ضرورت جي شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ انهن کي مناسب اگهن تي دستياب بڻائڻ جي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته علائقائي ۽ عالمي امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي موثر سفارتي ڪوششن سان ملڪ جي عالمي مقام کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ان جا مثبت اثر ملڪي معيشت ۽ عوام جي زندگين تي پوندا.