اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ملڪ جي 79 هين جشن آزادي جي پُرمسرت موقعي تي پاڪستاني عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. يوم آزادي جي موقعي تي جمعي ڏينهن پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 14 آگسٽ نه رڳو آزادي جو جشن ملهائڻ جو ڏينهن آهي پر اسان جي بزرگن جي پاڪستان جي قيام …
وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال پاران پاڪستان جي يوم آزادي تي قوم کي مبارڪون
اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ملڪ جي 79 هين جشن آزادي جي پُرمسرت موقعي تي پاڪستاني عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. يوم آزادي جي موقعي تي جمعي ڏينهن پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 14 آگسٽ نه رڳو آزادي جو جشن ملهائڻ جو ڏينهن آهي پر اسان جي بزرگن جي پاڪستان جي قيام لاءِ ڏنل قربانين جي به ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته اسان جي بزرگن جي ويزن، اتحاد ۽ عزم اسان کي هڪ اهڙو وطن تحفي ۾ ڏنو آهي جتي اسان آزادي، وقار ۽ انصاف سان رهي سگهون ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يوم آزادي هر پاڪستاني کي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ نئين جذبي سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته هي وقت پنهنجي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ، جمهوريت جي قدرن کي برقرار رکڻ ۽ هڪ مضبوط پاڪستان جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي. اچو اسان هم آهنگي، رواداري ۽ قومي فخر کي هٿي ڏئي پنهنجي بانين جي خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جو وچن ڪريون. پنهنجي پيغام ۾ هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني کي سندن خدمتن ۽ ملڪ سان محبت تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سمورا پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي جي سفر ۾ هڪ لازمي حصو آهن.












