واشنگٽن- 11 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي صدر جياني انفينٽينو جي حمايت ڪندي چيو آهي ته فيفا لاءِ ان کي ڪنهن به سبب کان هٽائڻ جو سوچيو به ته هڪ وڏي غلطي هوندي. سنگاپور جي ٽي وي نيوز چينل سي اين اي موجب فيفا صدر جياني انفينٽينو هن وقت اداري جي اندروني تڪرارن، نجي سيڙپڪاري اسڪيم ۾ ناڪامي ۽ ورڪ پليس اسڪينڊل جي ڏوهن سبب …
جياني انفينٽينو کي هٽائڻ وڏي غلطي هوندي: آمريڪي صدر
واشنگٽن- 11 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيفا جي صدر جياني انفينٽينو جي حمايت ڪندي چيو آهي ته فيفا لاءِ ان کي ڪنهن به سبب کان هٽائڻ جو سوچيو به ته هڪ وڏي غلطي هوندي. سنگاپور جي ٽي وي نيوز چينل سي اين اي موجب فيفا صدر جياني انفينٽينو هن وقت اداري جي اندروني تڪرارن، نجي سيڙپڪاري اسڪيم ۾ ناڪامي ۽ ورڪ پليس اسڪينڊل جي ڏوهن سبب تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميديا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ اٽلي جي سوئس وڪيل جياني انفينٽينو جي تعريف ڪندي چيو ته ان جي اڳواڻي ۾ هاڻي تائين جو سڀ کان ڪامياب ۽ منافعي بخش ورلڊ ڪپ منعقد ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن هو عهدي تان هٽي ويو ته فيفا ٻيهر ايترو ڪامياب نه ٿي سگهندو. ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان آمريڪي فٽبال فيڊريشن جي موقف کان بلڪل مختلف آهي جنهن ڪينيڊا ساڪر ۽ ٻين مرڪزي آمريڪي فٽبال تنظيمن سان ملي ڪري فيفا صدر جياني انفينٽينو خلاف بيان جاري ڪيو هو. ٻئي پاسي آفريقي فٽبال ڪنفيڊريشن ۽ ڏکڻ آمريڪي باڊي ڪونمي بول به ڊونلڊ ٽرمپ وانگر جياني انفينٽينو جي حمايت ڪئي آهي.












