ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ پوٺوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي مٿانهين وارن حصن تي ڪمزور …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ پوٺوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي مٿانهين وارن حصن تي ڪمزور سانوڻي واريون هوائون داخل ٿي رهيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته اوڪاڙه ۾ 03 ملي ميٽر برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي، دالبندين، ڀڪر، سبي ۽ دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں