آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خضر فرهادوف جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ آءِ ٽي، ڊجيٽلائزيشن ۽ فني شعبن ۾ گڏيل تعاون کي ساراهيو ويو. ٻنهي طرفن کان ڀائر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. وفاقي وزير شزه فاطمه …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ آءِ ٽي، ڊجيٽلائزيشن ۽ فني شعبن ۾ گڏيل تعاون کي ساراهيو ويو. ٻنهي طرفن کان ڀائر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، آذربائيجان جي سفير جي پاڪستان ۾ خدمتن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪاوشن کي ساراهيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي ۽ سندس ايندڙ ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں