ناڻي واري وزير جي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي قيادت سان ملاقات، سيڙپڪاري، ڊجيٽل تبديلي ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي تي ڳالهيون

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين زيد بشير ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيڙپڪاري، ڪاروباري هڪجهڙائي، ريگيوليٽري سڌارن ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ نجي شعبي جي شموليت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير، زيد بشير کي نئين ذميواري سنڀالڻ …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين زيد بشير ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيڙپڪاري، ڪاروباري هڪجهڙائي، ريگيوليٽري سڌارن ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ نجي شعبي جي شموليت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير، زيد بشير کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڪاروباري ادارن کي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل تبديلي جي گهرجن موجب پاڻ کي مسلسل تيار رکڻو پوندو. هن ڪارڪردگي ۾ بهتري، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نوان ڪاروباري ماڊلز اختيار ڪرڻ ۽ اهڙو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي اهميت اجاگر ڪئي جنهن سان ڪاروباري ادارا بدلجندڙ عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي برقرار رکي سگهن. ملاقات ۾ حڪومت ۽ڪاروباري برادري وچ ۾وڌيڪ موثر ۽ عمل جوڳي رابطي جي ضرورت تي به ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير پاڪستان بزنس ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو مختصر، شعبي جاتي ۽ عملي نوعيت جي تحقيق پيش ڪري ته جيئن اهم موقعن جي نشاندهي، درپيش چئلينجز جي حل ۽ بهتر پاليسي سازي ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته عالمي تجربن مان فائدو کڻندي ۽ پاڪستان جي پاليسين ۽ ڪاروباري ماحول کي عالمي سطح تي پوندڙ تبديلين ۽ بهترين طريقي ڪار سان هم آهنگ رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ مسلسل تعاون ذريعي موقعن جي نشاندهي ۽ انهن شعبن ۾ بهتري آڻي سگهجي تي جتي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. ملاقات دوران آمريڪي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ۽ آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ (ايگزم) جهڙن ادارن ذريعي عالمي فنانسنگ ۽ سيڙپڪاري متحرڪ ڪرڻ جي موقعي تي به ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امڪاني سيڙپڪارن ۽ مالياتي ادارن سامهون مخصوص، واپاري طور عمل جوڳا ۽ سيڙپڪاري لاءِ تيار منصوبا پيش ڪرڻ گهرجن. هن ڪاروباري برادري پاران منظم تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته اهڙي ٽيڪس نظام جي جوڙجڪ لاءِ ڊگهي مدي واري مشاورت ضروري آهي جيڪا پائيدار بنيادن تي سيڙپڪاري، برابري ۽ معاشي اوسر کي هٿي ڏئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين زيد بشير ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي حڪومت پاران ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطي کي ساراهيو ۽ معاشي ۽ مالياتي سڌارن جي رُخ جي آجيان ڪئي.

مزید خبریں