پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، نوجوان ملڪ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، نوجوان ملڪ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي اجتماعي ڪوششون ۽ رضاڪاراڻين سرگرمين کي هٿي ڏيڻي پوندي. اڱاري تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، نوجوان ملڪ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي اجتماعي ڪوششون ۽ رضاڪاراڻين سرگرمين کي هٿي ڏيڻي پوندي. اڱاري تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان 14 آگسٽ تي پنهنجي 79هين يوم آزادي ملهائڻ وڃي رهيو آهي. گذريل 79 سالن دوران ملڪ جا مختلف چئلينجز سامهون آيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي صلاحيت ۽ نوجوانن جو پوٽينشل تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم شبهاز شريف جلد ويزن 2047ع جو اعلان ڪرڻ وارو آهي، جنهن جو مقصد اهو واضح ڪرڻ آهي ته پاڪستان جي قيام جا 100 سال مڪمل ٿيڻ تي ملڪ کي ڪهڙي مقام تي ڏسڻو آهي، ان ويزن جي جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي راءِ کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي. هن موسمياتي تبديلي کي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته ملڪ کي ٻوڏ، هيٽ ويوز ۽ ٻين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اين ڊي ايم اي پاران جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي بنيادن تي آفتن جي خطرن جي اڳواٽ نشاندهي ۽ تياري تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته زنده قومون پنهنجي مسئلن کي پاڻ منهن ڏينديون آهن ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکنديون آهن. پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرڏيهي امداد جو انتظار ڪرڻ بدران پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي اهڙن اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو، جن ۾ ان جو ڪردار محدود آهي جڏهن ته انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ کي پنهنجي تياري ۽ سگهه ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. گڏوگڏ عالمي برادري کي به موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي گرين يوٿ موومينٽ کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي ۽ هاڻي تائين 137 يونيورسٽيون ان پروگرام جو حصو بڻجي چڪيون آهن. هلندڙ سال وڌيڪ 50 کان 60 يونيورسٽين کي ان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل يونيورسٽين سان ڳنڍيل ڪاليجن ۽ اسڪولن تائين به ان پروگرام کي وسعت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته هڪ ڪامياب پاڪستاني جيڪڏهن صرف هڪ نوجوان جو هٿ پڪڙي ته ان ذريعي ملڪ ۾ ترقي ۽ موقعن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوانن لاءِ موقعن جا نوان دروازا کُلي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ دنيا آڏو اجاگر ٿي رهي آهي. نوجوان انهن موقعن مان فائدو کڻندي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ويزن 2047ع پاڪستان جي مستقبل جو ويزن آهي ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ نوجوانن کي اڳيان وڌي قيادت سنڀالڻي پوندي. هن اين ڊي ايم اي، يونيسيف، پاڪستان بوائز اسڪائوٽس، پاڪستان گرلز گائيڊز، هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين ڀائيوار ادارن جي تعاون جي تعريف ڪندي چيو ته مختلف ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ گير رضاڪار فورس جوڙي پئي وڃي جيڪا قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيندي ۽ قومي سطح تي نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

مزید خبریں