سيڪيورٽي فورسز پنجگور ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 5 ڀارتي سرپرست يافته دهشتگرد ماري ڇڏيا

راولپنڊي - 11 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورتي فورسز بلوچستان جي پنجگور ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ اهم ۽ موثر آپريشن دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 5 ڀارتي سرپرستي يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز موقعي تي ئي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪري ضايع ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 10 آگسٽ 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع پنجگور ۾ …

راولپنڊي – 11 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورتي فورسز بلوچستان جي پنجگور ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ اهم ۽ موثر آپريشن دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 5 ڀارتي سرپرستي يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز موقعي تي ئي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪري ضايع ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 10 آگسٽ 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع پنجگور ۾ هڪ موثر ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. اهو آپريشن ڀارت جي سرپرستي هيٺ هلندڙ پروڪسيز جي خاتمي ۽ علائقي ۾ پائيدار امن جي بحالي لاءِ جاري دهشتگردي جي خاتمي جي مسلسل مهم جو حصو هو. پنجگور ۾ 5 دهشتگردن کي مارڻ کان علاوه فورسز جي ٽيمن موقعي تي ئي هٿيار، بارود ۽ بارودي مواد (آءِ اي ڊيز) جو هڪ وڏو ذخيرو هٿ ڪري ضايع ڪري ڇڏيو. جنهن جي فوري بعد علائقي ۾ ڪنهن به باقي خطري جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن شروع ڪيو ويو. قومي ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي کان منظور ٿيل ويزن عزم استحڪام تحت پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو دهشتگردي جي خاتمي جو بنا رڪاوٽ آپريشن ملڪ مان پرڏيهي فنڊنگ ۽ سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ پوري طاقت سان جاري رهندو.

مزید خبریں