وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پنجگور ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن، جرئت ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن، جرئت ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ موثر ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي دشمنن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن، فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي ملڪ ۾ ڪٿي به لڳڻ جي جڳهه نه ملندي ۽ انهن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ ان ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مزید خبریں