حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻن هفتن تي ٻڌل يومِ آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي بينظير آرٽ گيلري ۾ ”مان آهيان پاڪستان: اسان هڪ آهيون“ جي عنوان سان آرٽ نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ٻين مهمانن ربن ڪاٽي ڪيو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد …
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ يومِ آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن ۾ ”مان آهيان پاڪستان: اسان هڪ آهيون“ جي عنوان سان آرٽ نمائش منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻن هفتن تي ٻڌل يومِ آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي بينظير آرٽ گيلري ۾ ”مان آهيان پاڪستان: اسان هڪ آهيون“ جي عنوان سان آرٽ نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ٻين مهمانن ربن ڪاٽي ڪيو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان گڏ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، يونيورسٽي آف ميرپورخاص جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ايس اي بي ايس يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، سنڌ يونيورسٽي مين ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، دادو ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. افتتاح کان پوءِ وائيس چانسلر ۽ ٻين مهمانن آرٽ گيلري جو دورو ڪيو، جتي شاگردن پنهنجا تيار ڪيل فن پارا پيش ڪيا ۽ مهمانن کي انهن جي موضوعن، خيالن ۽ تياري جي فني طريقن بابت بريفنگ ڏني. اهي فن پارا استادن جي نگراني هيٺ آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ تيار ڪيا ويا هئا. نمائش ۾ پاڪستان جا مختلف علائقن، انهن جون ثقافتون ۽ روايتون اجاگر ڪندڙ خوبصورت نقشا، قائداعظم محمد علي جناح جا پورٽريٽ، قومي جهنڊي جا عڪس ۽ ٻيا ڪيترائي فن پارا شامل هئا جن ذريعي آزادي، حب الوطني، قومي سڃاڻپ، يڪجهتي ۽ ملڪ جي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪيو ويو. نمائش ڏسڻ لاءِ آيل مهمانن شاگردن جي فن پارن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سندن ڪم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. مهمانن شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، فني مهارت ۽ منفرد انداز کي ساراهيندي چيو ته ڪيترائي فن پارا عالمي معيار جي ڪم سان برابري ڪن ٿا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته نمائش جو بنيادي پيغام اهو آهي ته پاڪستان جي طاقت ان جي ثقافتي ۽ سماجي گوناگونيت، گڏيل احترام ۽ گڏيل قومي سڃاڻپ ۾ آهي. هن چيو ته شاگردن آزادي ڏهاڙي جي جذبي کي فن جي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندي پاڪستان جي تاريخ، ثقافتي ورثي، قومي نشانين ۽ قومي امنگن کي پنهنجي تخليقي ڪم جو حصو بڻايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فن هڪ اهڙي منفرد ٻولي آهي، جنهن ذريعي نوجوان پنهنجي سڃاڻپ، ثقافتي ورثي ۽ شهري ذميوارين بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ اعتماد ۾ پڻ اضافو ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر فتح مري انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي استادن کي شاگردن لاءِ اهڙو تخليقي پليٽ فارم فراهم ڪرڻ تي ساراهيو، جتي هو پنهنجن خيالن کي خوبصورت فن پارن جي صورت ڏيئي سگهن ۽ شاگردن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي فني صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجو مقام پيدا ڪن. هن چيو ته يونيورسٽين جي ذميواري رڳو ڪلاس روم تائين محدود ناهي، پر انهن کي نوجوانن ۾ تخليقي سوچ، ثقافتي شعور ۽ ذميوار شهريت جو احساس پڻ پيدا ڪرڻ گهرجي.











