اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ترڪيه جي اعليٰ سطحي فني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ فني تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ترڪيه جي وفد پاران پاڪستان جي دوري جو مقصد ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون جي نون …
صحت واري وفاقي وزير سان ترڪيه جي اعليٰ سطحي فني وفد جي ملاقات، صحت جي شعبي ۾ فني تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ترڪيه جي اعليٰ سطحي فني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ فني تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ترڪيه جي وفد پاران پاڪستان جي دوري جو مقصد ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون جي نون امڪانن جو جائزو وٺڻ آهي. وفد پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي پيداوار جي صلاحيتن ۽ امڪانن جو به جائزو وٺندو جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ موجود تجربن، صلاحيتن ۽ ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪيا ويندا. وفاقي وزير ترڪيه جي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان صحت جي شعبي ۾ ترڪيه سان تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خاص اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻ ڀاڙڻ ۽ نظام جي پائيداري جي وسيع ايجندا تي عمل پيرا آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت شهرين کي 13 قسمن جي ويڪسين مفت فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان مان ڪا به ويڪسين ملڪ ۾ تيار ناهي ڪئي ويندي ۽ سموريون ويڪسين پرڏيهه مان آمدني واپار ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ادارن جي تعاون سان اهي ويڪسين درآمد ڪندي آهي، جهن جي 51 سيڪڙو لاڳت پاڪستان پاڻ برداشت ڪري ٿو جڏهن ته 49 سيڪڙو لاڳت عالمي ادارا برداشت ڪندا آهن. هن چيو ته 2030ع تائين پرڏيهي مدد مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي جنهن کان پوءِ پاڪستان کي ويڪسين جي مڪمل لاڳت پاڻ برداشت ڪرڻي پوندي ۽ ويڪسين جي درآمد تي ساليانو اٽڪل 1.2 ارب آمريڪي ڊالر خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، ان لاءِ مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري جو بندوبست اڻٽر ٿي چڪو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪنهن به مريض جو يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ موجود ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ صحت جي بهتر سهولتن جي فراهمي ۽ صحت جي شعبي ۾ پاڻ تي ڀاڙڻ کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.











