رياض- 11 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس علائقائي دفاعي معاهدي تي مبارڪ ڏني. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ولاديمير زيلنسڪي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ طئي ٿيل مڪه گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي …
سعودي ولي عهد سان يوڪرين جي صدر جو ٽيليفونڪ رابطو
رياض- 11 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس علائقائي دفاعي معاهدي تي مبارڪ ڏني. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ولاديمير زيلنسڪي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ طئي ٿيل مڪه گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال جو جائزو ورتو. گڏيل تعاون جي شعبن ۽ انهن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.












