پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي رنگن، ٻولين، روايتن ۽ علمي نظام صدين کان اسان جي قومي ورثي کي مالا مال ڪيو آهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد - 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته اسان مقامي قومن جي حقن، ثقافت، روايتن ۽ ڀلائي جي احترام جي عزم کي ورجايون ٿا ۽ اهڙين ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا جن جي ذريعي انهن جي علم جو احترام ڪيو وڃي ۽ انهن جو آواز ٻُڌو وڃي ۽ انهن جي برادرين کي باوقار، محفوظ زندگي گذارڻ لاءِ گهربل موقعا ۽ سهولتن تائين رسائي …

اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته اسان مقامي قومن جي حقن، ثقافت، روايتن ۽ ڀلائي جي احترام جي عزم کي ورجايون ٿا ۽ اهڙين ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا جن جي ذريعي انهن جي علم جو احترام ڪيو وڃي ۽ انهن جو آواز ٻُڌو وڃي ۽ انهن جي برادرين کي باوقار، محفوظ زندگي گذارڻ لاءِ گهربل موقعا ۽ سهولتن تائين رسائي حاصل هجي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب قديم ۽ مقامي رهواسين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا سان گڏ قديم ۽ مقامي رهواسين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي. هي ڏينهن اسان کي مقامي قومن جي خدمت ۽ ڪردار کي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي علم، روايتن ۽ زندگي جي طريقيڪار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن نسل در نسل محفوظ ۽ منتقل ڪيا آهن. مقامي قومن جو روايتي علم انهن جي برادرين، ماحول ۽ زندگي جي طريقيڪار سان گهرو ڳانڍاپو رکي ٿو. ان علم ثقافتي روايتن کي برقرار رکڻ ۽ قدرت، صحت ۽ ماحول بابت معلومات کي محفوظ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان علم جو احترام ثقافتي رنگن جي تحفظ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ به ضروري آهي ته هي ايندڙ نسلن لاءِ فائديمند رهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڀرپور ثقافتي رنگ ڪيلاش سميت اترين جابلو علائقن ۾ آباد مختلف قومن ۽ برادرين تي ٻڌل آهي. هي رنگ گلگت کان گوادر ۽ ميداني علائقن کان وٺي چولستان ۽ ٿر جي ريگستان تائين پکڙيل آهي. انهن جي ٻولين، روايتن ۽ علمي نظام صدين کان اسان جي قومي ورثي کي مالا مال ڪيو آهي. قدرت، اجتماعي صحت ۽ پائيدار طرز زندگي جي باري ۾ انهن جي گهري سوچ، سمجهه، صبر، استقامت ۽ دانائي جي اهڙي ورثي جي عڪاس آهي جنهن کي تسليم ۽ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو آئين قانون سامهون برابري ۽ برابري جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو. آئين اهڙين شهرين جي انهن حقن کي به تسليم ڪري ٿو جن جي پنهنجي ڌار زبان، رسم الخط يا ثقافت هجي ته جيئن هو ان کي محفوظ ڪري هٿي ڏئي سگهن. اسان انهن حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين لاءِ برابري جا موقعا يقيني بڻائڻ لاءِ عزم تي قائم آهيون. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن سال قديم ۽ مقامي رهواسين جي عالمي ڏينهن جو موضوع مقامي دائين کي خراج تحسين، زندگي ۽ ڀلائي جو تحفظ آهي، جيڪو مقامي دائين کي نگهداشت فراهم ڪندڙ ۽ اهڙي روائتي علمن جي امين اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. انهن جون خدمتون هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندڙ علم جي تحفظ سان گڏوگڏ ماءُ، تازن ڄاول ٻارن ۽ خاندانن جي صحت ۽ ڀلائي ۾ به مددگار ثابت ٿين ٿا. هي موضوع انهن برادرين لاءِ عملي اهميت به رکي ٿو جتي صحت جي سهولتن تائين رسائي مشڪل آهي. ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ عورتن لاءِ قابل اعتماد ۽ ثقافتي طور موزون پيدائش کان اڳ ۽ بعد ۾ نگهداشت جون سهولتون انهن جي خاندانن لاءِ نمايان فرق پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري دائين جي علم ۽ ڪردار کي تسليم ڪرڻ، محفوظ باوقار ۽ احترام تي ٻڌل طبي نگهداشت جي فراهمي جو هڪ اهم حصو آهي. هن پاڪستان 2005ع ۾ يونيسڪو جي غير مادي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي ڪنوينشن جي توثيق ڪئي. هي ڪنوينشن انهن علمن، مهارتن، روايتن ۽ طريقيڪار جي تحفظ لاءِ هڪ اهم فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو جيڪو برادريون نسل در نسل منتقل ڪن ٿيون. پاڪستان 2022ع ۾ ثقافتي جدت جي تحفظ ۽ ان کي هٿي وٺائڻ بابت يونيسڪو ڪنوينشن جي به توثيق ڪئي. هي عزم ثقافتي رنگن جي تحفط، زنده ثقافتي روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عڪاس آهي. هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان پنهنجي مقامي قومن جي حقن، ثقافت، روايتن ۽ ڀلائي جي احترام جي عزم کي ورجايون ٿا. اسان اهڙين ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا جن ذريعي انهن جي علم جو احترام ڪيو وڃي، سندن آواز ٻڌو وڃي ۽ انهن برادرين کي باوقار ۽ محفوظ زندگي گذارڻ لاءِ گهربل موقعن ۽ سهولتن تائين رسائي حاصل هجي.