راولپنڊي- 09 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان حوالي سان قومي سلامتي بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف شاگردن سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام ۾ سڄي ملڪ جي 21 اسٽيشنز مان 6150 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر معيد يوسف قومي سلامتي، معيشت ۽ نوجوانن جي ڪردار تي خيالن جو …
آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع ڪاميابي سان جاري

مزید خبریں
راولپنڊي- 09 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان حوالي سان قومي سلامتي بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف شاگردن سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام ۾ سڄي ملڪ جي 21 اسٽيشنز مان 6150 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر معيد يوسف قومي سلامتي، معيشت ۽ نوجوانن جي ڪردار تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسريل معاشرن ۾ گڏيل عنصر، نوجوان نسل جو هاڪاري ڪردار، بلند حوصلا ۽ اثرائتي شموليت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جامع قومي سلامتي جو حقيقي تصور هر شهري جو تحفظ، عزت سلامتي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ سان لاڳاپيل آهي. هن شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب پڻ ڏنا. آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع شاگردن جي فڪري ۽ عملي تربيت ۽ موقعن جي فراهمي لاءِ بهترين قدم آهي.










