اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاران پي ٽي وي نيوز جي سينيئر رپورٽر نويد اظهر جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي نيوز) جي سينيئر رپورٽر نويد اظهر جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نويد اظهر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي جو ٻُڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، اسان …

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي نيوز) جي سينيئر رپورٽر نويد اظهر جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نويد اظهر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي جو ٻُڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، اسان سندس ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب ۽ سوڳوار ڪٽنب لاءِ صبر جي ڪئي.