لاهور- 09 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي آچر ڏينهن جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل امير العظيم مرحوم جي گهر وڃي سندس ڪٽنب سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي بلند درجن ۽ سوڳوار ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته امير العظيم سندس پراڻو دوست ۽ عزيز ڀاءُ هو، سندس لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. محمد حنيف …
وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي امير العظيم مرحوم جي گهر آمد، ڪٽنب سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار

مزید خبریں
لاهور- 09 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي آچر ڏينهن جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل امير العظيم مرحوم جي گهر وڃي سندس ڪٽنب سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي بلند درجن ۽ سوڳوار ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته امير العظيم سندس پراڻو دوست ۽ عزيز ڀاءُ هو، سندس لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته مرحوم مخلص ۽ اصول وارو انسان هو جنهن پنهنجي سياسي، سماجي ۽ قومي خدمتن ذريعي معاشري ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو. سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکوئيل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. بعد ۾ محمد حنيف عباسي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ مرحوم امير العظيم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.










