خيبر پختونخواه ۾ پاڪ فوج پاران جاري ايف سي، جي جوانن جي آپريشنل سکيا پڄاڻي تي پهچي وئي

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه ۾ پاڪ فوج پاران فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن جي چئن هفتن تي ٻڌل خاص آپريشنل سکيا پڄاڻي تي پهتي. خاص تربيتي پروگرام جو بندوبست جلوزئي ڪيمپ نوشهره ۾ پاڪ فوج پاران ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر پشاور فيڊرل ڪانسٽيلري سکيا پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آپريشنل سکيا پروگرام ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي 187 جوانن سکيا مڪمل …

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه ۾ پاڪ فوج پاران فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن جي چئن هفتن تي ٻڌل خاص آپريشنل سکيا پڄاڻي تي پهتي. خاص تربيتي پروگرام جو بندوبست جلوزئي ڪيمپ نوشهره ۾ پاڪ فوج پاران ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر پشاور فيڊرل ڪانسٽيلري سکيا پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آپريشنل سکيا پروگرام ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي 187 جوانن سکيا مڪمل ڪئي. ڪور ڪمانڊر پشاور جوانن جي بلند حوصلن، نظم و ضبط ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته جديد سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اعلي معيار پيشيوراڻي سکيا ۽ آپريشنل تياري بنيادي اهميت رکي ٿي. تربيت يافته جوان ئي قومي سلامتي، داخلي امن ۽ دهشتگردي جي روڪٿام ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ سهڪار جاري رکندي. ڪور ڪمانڊر پشاور چيو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جا جوان پنهنجي بهادري، نظم و ضبط ۽ فرض شناسي سان ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.