آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون جاري، 15 خوارج مارجي ويا

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ مختلف ڪارروائين دوران 15 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز مستونگ، بولان، واشڪ، آواران، سبي، خضدار، هرنائي ۽ نوشڪي ۾ خوارج خلاف ڪيتريون ئي ڪارروائيون ڪيون جن جي نتيجي ۾ 15 خوارجي مارجي ويا، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتين …

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ مختلف ڪارروائين دوران 15 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز مستونگ، بولان، واشڪ، آواران، سبي، خضدار، هرنائي ۽ نوشڪي ۾ خوارج خلاف ڪيتريون ئي ڪارروائيون ڪيون جن جي نتيجي ۾ 15 خوارجي مارجي ويا، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتين ڪارروائين سبب خوارج جي نيٽورڪ کي شديد نقصان پهتو ۽ سندن چرپر محدود ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن رد الفتنه 3 تحت پنهنجي ڪارروائيون بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ پر عزم آهن.