اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ٽئين مرحلي ۾ فيصلو عوام جي هٿ ۾ آهي. ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پهرين مرحلن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو، هاڻي باقي تڪن جي معزز ووٽرن جي ذميواري آهي ته …
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ فيصلو عوام جي هٿ ۾ آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ٽئين مرحلي ۾ فيصلو عوام جي هٿ ۾ آهي. ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پهرين مرحلن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو، هاڻي باقي تڪن جي معزز ووٽرن جي ذميواري آهي ته هو ووٽ جي طاقت سان ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ عوامي خدمت جي سفر کي اڳتي وڌائين. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف جو ويزن هميشه پاڪستان ۽ عوام جي ترقي، مضبوط معيشت ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل رهيو آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ به هڪ مضبوط ۽ با صلاحيت حڪومت لاءِ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي ضروري آهي، اچو هاڻي به شينهن تي ٺپو هڻي مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪيون. توهان جو ووٽ، توهان جو فيصلو ترقي جي نالي. ووٽ شينهن کي، ووٽ مسلم ليگ (ن) کي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ آزاد ڪشمير چونڊ، پي ايم ايل اين، نواز شريف ۽ ووٽ فار پي ايم ايل اين جي هيش ٽيگ کي به شيئر ڪيو.










