صدر آصف علي زرداري پاران سنگاپور جي قيادت جي قومي ڏينهن تي مبارڪون

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي 61 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سنگاپور جي هم منصب ٿرمن سنموگارتنم، سنگاپور جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪن جو پيغام ڏنو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان سنگاپور جي قيادت، دانشمنداڻي طرز حڪمراني ۽ عوام جي پختي عزم ذريعي حاصل ٿيل …

اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي 61 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سنگاپور جي هم منصب ٿرمن سنموگارتنم، سنگاپور جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪن جو پيغام ڏنو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان سنگاپور جي قيادت، دانشمنداڻي طرز حڪمراني ۽ عوام جي پختي عزم ذريعي حاصل ٿيل تعمير ملت ۽ معاشي تبديلي جي سفر کي صدر جي نظر سان ڏسي ٿو. هن سنگاپور جي ڪاميابي، جدت ۽ اڳڀرائي کي هڪ متاثر ڪندڙ مثال قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري هلندڙ سال کي پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگره طور خاص اهميت وارو قرار ڏنو. هن چيو ته گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران گڏيل اعتماد، خيرسگالي ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل دوستي مسلسل وڌندي رهي. هن جو چوڻ هو ته ٻئي ملڪ گهڻ رخي فورمز تي پنهنجا رابطا ۽ ٻه طرفا سياسي رابطن کي به برقرار رکندا. صدر مملڪت چيو ته ڊيجيٽل معيشت، گرين ٽيڪنالاجي، سامونڊي ۽ لاجسٽڪس رابطن ۽ شهري منصوبه بندي، پيشيوراڻي تربيت، تعليمي ۽ ثقافتي مٽا سٽا ۽ سياحت جي شعبن ۾ توسيع ۽ وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي فائدي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سنگاپور سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.