نئين دهلي- 09 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي عورت دنيا ۾ سڀني کان ڊگها وار رکڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته ڀارتي رياست اتر کنڊ جي علائقي هالدواني سان تعلق رکندڙ رينوڌريال جي ڊگهن ڪارن وارن جي ڊيگهه 8 فٽ 10 انچ آهي، ان کان اڳ اهو رڪارڊ يوڪرين سان تعلق رکندڙ عورت رکندڙ عورت الياناسيراوا وٽ …
ڀارتي عورت دنيا ۾ سڀني کان ڊگها وار رکڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
نئين دهلي- 09 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي عورت دنيا ۾ سڀني کان ڊگها وار رکڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته ڀارتي رياست اتر کنڊ جي علائقي هالدواني سان تعلق رکندڙ رينوڌريال جي ڊگهن ڪارن وارن جي ڊيگهه 8 فٽ 10 انچ آهي، ان کان اڳ اهو رڪارڊ يوڪرين سان تعلق رکندڙ عورت رکندڙ عورت الياناسيراوا وٽ هو جنهن جي وارن جي ڊيگهه 8 فٽ 4 انچ هئي. رينو ڌريال گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ کي ٻڌايو ته هن 2015ع کانپوءِ پنهنجا وار ناهن ڪٽرايا، هو هڪ يوٽيوبر ۽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر به آهي ۽ هن پنهنجن وارن جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻ اهڙا تيل ۽ شيمپو ٺاهيا آهن جيڪي قدرتي شين تي ٻڌل آهن. هن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ انهن وارن سبب تمام گهڻي شهرت ملي پر انهن کي سنڀالڻ تمام ڏکيو آهي، انهن کي ڌوئڻ، سڪائڻ ۽ پوءِ ڦڻي ڏيڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا آهن.











