اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي، خطي ۾ پائيدار امن طاقت جي استعمال يا هڪطرفي قدمن سان نه پر ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل …
ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي، خطي ۾ پائيدار امن طاقت جي استعمال يا هڪطرفي قدمن سان نه پر ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل سان ئي ممڪن آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ انهن جي آواز کي هر علائقائي ۽ عالمي فورم تي پوري قوت سان اٿاريندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڀرپور انداز ۾ اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، اسان ان ڏينهن کي ان عزم سان ملهايون ٿا ته دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي انهن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي سنگيني جي ياد ڪرائي وڃي جن جي ذريعي هن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن. وزيراعظم چيو ته 7 سال گذري وڃڻ جي باوجود اهي غيرقانوني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي پنهنجي جائز خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي پختي عزم کي ڪمزور ڪري سگهيا آهن، انهن قدمن ڀارتي رياستي ڏاڍ ۾ اضافو ڪيو، بنيادي آزادين کي محدود ڪيو ۽ غيرقانوني قانونسازي ۽ انتظامي قدمن جي ذريعي والاريل علائقي جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي مڪروهه ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عوام جي حقيقي سياسي قيادت کي مسلسل دٻائڻ، شهري آزادين تي پابنديون هڻڻ ۽ ميڊيا تي پابنديون برقرار رکڻ شديد ڳڻتي جو سبب آهي، انهن سمورين مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جو حوصلو، استقامت ۽ ثابت قدمي اڄ به مضبوط آهي، پنهنجي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي پرامن ۽ منصفاڻي جدوجهد اڄ به نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي، ڪشميرين جي مثالي جدوجهد انصاف، انساني وقار ۽ عالمي قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن ۽ قومن جي حمايت ۽ احترام جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سڀ کان بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي، خطي ۾ پائيدار امن طاقت جي استعمال يا هڪطرفي قدمن سان نه پر ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ان تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي رڳو ڳڻتي جي اظهار تائين محدود رهڻ بدران ان پراڻي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو موثر ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ان موقعي تي آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو ۽ انهن جي آواز کي هر علائقائي ۽ عالمي فورم تي پوري قوت سان اٿاريندو رهندو. وزيراعطم چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت تي زور ڀري ته هو غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون بند ڪري، آگسٽ 2019ع کان لاڳو ڪيل پنهنجا غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي مڙهيل جابراڻي قانونن جو خاتمو ڪري ۽ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق کي آزاداڻي طور تي استعمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جي راهه هموار ڪري سگهي.










