راولپنڊي- 04 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج امدادي، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪارروائين ۾ سول انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي معاونت لاءِ هر وقت تيار آهي. اڱاري ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اين ڊي ايم …
پاڪستان جي هٿياربند فوج امدادي، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪارروائين ۾ سول انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي، جي معاونت لاءِ هر وقت تيار آهي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي- 04 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج امدادي، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪارروائين ۾ سول انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي معاونت لاءِ هر وقت تيار آهي. اڱاري ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اين ڊي ايم اي جي هيڊڪوارٽرز ۾ قائم نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس جاري سانوڻي دوران پاڪستان جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تيارين ۽ مربوط رد عمل جي انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين، آرمي چيف کي اين اي او سي جي آپريشنل صلاحيتن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل رد عمل جي نظام کان آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ” ڊزاسٽر لينز 2026“ ذريعي ملڪ ۾ سانوڻي جي موجوده صورتحالي ۽ مختلف قدرتي خطرن جي نگراني جي جديد نظام جو به مظاهرو ڪيو ويو. آرمي چيف پاڪستان ۾ قومي سطح تي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي جي ڪاوشن کي ساراهيو. هن هر وقت تياري، ادارن وچ ۾ اثرائتي هم آهنگي ۽ وقت سر رد عمل جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته انساني جانين ۽ اهم قومي انفراسٽرڪچر جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج امدادي، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪارروائين ۾ سول انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي، جي معاونت لاءِ هر وقت تيار آهي.










