پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نٿو ٿي سگهي، نوجوان ڪاڪروچ نه پر شاهين آهن: احسن اقبال

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه اقبال جو فلسفو خودي ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي ويزن تي ٻَڌل اسان جون فڪري بنياد ان حقيقت جي عڪاسي آهن ته پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نٿو ٿي سگهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته ملڪ جو نظام ڪنهن برباديءَ جو شڪار نه پر …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه اقبال جو فلسفو خودي ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي ويزن تي ٻَڌل اسان جون فڪري بنياد ان حقيقت جي عڪاسي آهن ته پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نٿو ٿي سگهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته ملڪ جو نظام ڪنهن برباديءَ جو شڪار نه پر هڪ جامع، مربوط ۽ پائيدار قومي سڌارن جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن چي ته اڄ جي سڀ کان وڏي ضرورت اها آهي ته قوم خاص ڪري نوجوان نسل، پنهنجي فڪري بنيادن کي مضبوط ڪري ۽ علامه اقبال جي فڪر جي روشنيءَ ۾ پنهنجي خودي کي بيدار ڪري. هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ مايوسي ڦهلائيندڙن کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان جا نوجوان ڪاڪروچ نه پر شاهين آهن، اهي ئي باصلاحيت نوجوان اسان جو حال آهن ۽ روشن مستقبل به آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نوجوانن کي قومي ترقيءَ جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اُڏام پاڪستان جي جامع معاشي فريم ورڪ تحت نوجوانن کي مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل مهارتن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مستقبل جي گهُرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن هو عالمي سطح تي مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي فلاح، پائيدار معاشي ترقي ۽ هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت جو هدف صرف اجتماعي ڪوششن، قومي اتحاد، مسلسل محنت ۽ اتفاق راءِ ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت سڌارن، تعليم، ٽيڪنالاجي، روانگي واپار ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي. هن قوم ۽ خاص ڪري نوجوانن تي زور ڀريو ته هو مايوسي بدران اميد، علم، محنت ۽ جدوجهد جو رستو اختيار ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي خوابن کي عزم، مسلسل محنت ۽ قومي يڪجهتيءَ سان جوڙيون  ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، پاڻڀرو ۽ خوشحال رياست بنائڻ جو خواب ضرور پورو ٿيندو.

مزید خبریں