اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته اسلام آباد جي تاريخي شاهه الله دتا غارن کي جديد سهولتون ميسر ڪري عالمي معيار جي ٻڌمت هيريٽيج سائٽ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب هن هدايت ڪئي ته جاري ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ته …
اسلام آباد جي تاريخي شاهه الله دتا غارن کي جديد سهولتون ميسر ڪري عالمي معيار جي ٻڌمت هيريٽيج سائيٽ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته اسلام آباد جي تاريخي شاهه الله دتا غارن کي جديد سهولتون ميسر ڪري عالمي معيار جي ٻڌمت هيريٽيج سائٽ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب هن هدايت ڪئي ته جاري ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن سيپٽمبر/آڪٽوبر ۾ منعقد ٿيندڙ گنڌارا ڪانفرنس جي موقعي تي ان تاريخي مقام جو باقاعده افتتاح ڪري سگهجي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر به ساڻس موجود هئي. وفاقي وزير شاهه الله دته غارن جو دؤرو ڪري جاري تعميراتي ۽ بحاليءَ جي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف ارڪيالاجي اينڊ ميوزيم جي عملدارن کيس بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته غارن سامهون جبلن تي ٻڌمت دؤر جو هڪ تاريخي اسٽوپا موجود آهي جيڪو ان مقام کان پري هئڻ سبب واضح نظر نٿو اچي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻڌ ڀگشون ۽ ٻين سياحن جي سهولت لاءِ ان تاريخي اسٽوپا کي ويجهو کان ڏسڻ جي غرض سان هڪ جديد ٽيلي اسڪوپ نصب ڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ئي ته غارن اندر ٻُڌمت تهذيب ۽ ورثي کي اجاگر ڪيو وڃي ته جيئن ان مقام جي تاريخي ۽ مذهبي اهميت کي بهتر انداز ۾ ڏيکاري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گنڌارا تهذيب جي تحفظ، هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي سطح تي مشهوريءَ ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو، ان ويزن تحت شاهه الله دته غارن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته هتي ايندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي زائرين لاءِ ڪينٽين، تحفن جو دڪان ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته رات جي وقت ۾ غارن کي خوبصورت روشنين سان منور ڪيو وڃي ته جيئن هي ماڳ وڌيڪ پُرڪشش بڻجي سگهي. بعد ۾ وفاقي وزير ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ان حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت وارو سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اسلام آباد جي تاريخي ارتقا تي ٻَڌل هڪ خاص نقشو تيار ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪهوٽه ويجهو واقعي تاريخي گکڙ قلعي بابت ڊائريڪٽوريٽ جي گيلري ۾ هڪ خاص گکڙ ڪارنر قائم ڪيو وڃي جتي گکڙ قبيلي بابت تاريخي نوادرات ۽ ڄاڻ وارو مواد رکيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان گيلريءَ ۾ مهر ڳڙهه تهذيب بابت نوادرات به نمائش لاءِ رکيا وڃن ته جيئن پاڪستان جي قديم تاريخي ورثي کي مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪجهه قومي اسيمبلي ميمبرن گوادر جي ناليواري شاعر ۽ اديب سيد ظهور شاهه هاشمي جي 100 سالن جي تاريخي گهر ۽ تربت جي ٻين تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ سهڪار ڪرڻ جو چيو آهي. هن چيو ته لاڳاپيل ميمبرن اسيمبليءَ کي باضابطا لکت ۾ سفارشون موڪلڻ جو چيو آهي ته جيئن قانوني گهُرجون پوريون ڪندي انهن منصوبن تي عملدرآمد ڪري سگهجي. ان موقعي تي اسد رحمان گيلاني چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيم جي گيلري کي جديد رُخن تي نئين سر ترتيب ڏنو وڃي جتي يونيورسٽي جي شاگردن جي مطالعاتي دؤرن سميت عام شهرين جي اچڻ کي به هٿي ڏني وڃي ته جيئن پاڪستان جي تاريخي ورثي سان عوامي آگاهي ۾ واڌ ٿئي.










