حڪومت جامع قومي بيٽري انرجي اسٽوريج فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ حفاظتي معيارن، گرڊ ڪنيڪشن، فني گهُرجن ۽ سيڙپڪارن لاءِ واضح قاعدا ۽ ضابطا شامل هوندا: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ تاريخي تبديليءَ مان گذري رهيو آهي، گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين آزداڻن ڪاٿن موجب ملڪ ۾ ڊسٽري بيوٽڊ سولر جي سگهه اٽڪل 38 گيگا واٽ تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا يوٽيلٽي سطح جي مجموعي پيداواري سگهه جي ويجهو آهي، حڪومت جامع قومي بيٽري انرجي اسٽوريج …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ تاريخي تبديليءَ مان گذري رهيو آهي، گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين آزداڻن ڪاٿن موجب ملڪ ۾ ڊسٽري بيوٽڊ سولر جي سگهه اٽڪل 38 گيگا واٽ تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا يوٽيلٽي سطح جي مجموعي پيداواري سگهه جي ويجهو آهي، حڪومت جامع قومي بيٽري انرجي اسٽوريج فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ حفاظتي معيارن، گرڊ ڪنيڪشن، فني گهُرجن ۽ سيڙپڪارن لاءِ واضح قاعدا ۽ ضابطا شامل هوندا. اڱاري ڏينهن سولر، اسٽوريج ۽ فيلسيٽيشن ڪانفرنس 2026ع کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته سولر، اسٽوريج ۽ فيسيليٽيشن فقط سڌارا نه پر اڄ پاڪستان جي بجلي جي شعبي کي درپيش سڀ کان وڏي فني ۽ پاليسي چئلينج جي عڪاسي ڪري ٿي، قومي گرڊ هڪ طرف بجلي جي فراهمي جي تصور تحت جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته اڄ اهي لکين گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن جي ڇِتين تي نصب سولر سسٽمز مان بجلي حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڏينهن جي وقت بجلي جي طلب گهٽ ٿي رهي آهي جڏهن ته شام جي وقتن ۾ طلب بدستور بلند رهي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جنهن صورتحال يعني ”ڊڪ ڪرو“ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڏهاڪي تائين تياري ڪئي پاڪستان اڄ ان ئي مرحلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ غير معمولي رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي، اها ڪاميابي ڪنهن حڪومتي سبسڊي يا ڊگهي مُدي واري رٿابندي جو نتيجو نه پر لکين پاڪستاني شهرين، آبادگارن، صنعتڪارن، واپارين ۽ گهريلو صارفين جي انفرادي فيصلن جو ثمر آهي، جن گهٽ لاڳت ۽ اعتماد جوڳي توانائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سولر ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو، اهو حقيقي معنائن ۾ عوام جي قيادت ۾ ايندڙ توانائي انقلاب آهي، جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته جڏهن جديد ٽيڪنالاجي سستي ۽ پهچ جوڳي هجي ته پاڪستاني قوم انتظار نٿي ڪري پر پاڻ اڳتي وڌي فيصلو ڪري ٿي. اويس لغاري چيو ته اڄ توانائيءَ جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه صرف ملڪ جي روشنيءَ ۾ نٿي ڪري سگهجي، گذريل ڪجهه مهينن دوران وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عالمي تڪرار ڪهڙيءَ طرح توانائي جي مارڪيٽ، تيل جي قيمتن، شپنگ روٽس ۽ ٻارڻ جي فراهمي کي متاثر ڪن ٿا، پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ جيڪو هاڻ پنهنجي ٿرمل بجلي جي پيداوار لاءِ وڏي حد تائين آمدني ٻارڻ تي ڀاڙي ٿو، اهڙي غير يقيني صورتحال نه صرف مالياتي استحڪام پر عوامي زندگيءَ تي به سڌيءَ ريت اثر انداز ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته مقامي ذريعن مان پيدا ٿيندڙ بجلي جو هر يونٽ پاڪستان جي توانائي جي خودمختياري کي مضبوط ڪري ٿو، سج ۽ هوا مان حاصل ٿيندڙ توانائي اهي اثاثا آهن جنهن کي نه ڪو عالمي تڪرار متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن پرڏيهي مارڪيٽ جا لاها چاڙها، جڏهن ته بيٽري انرجي اسٽوريج انهن ذريعن کي حقيقي معنائن ۾ اعتماد جوڳو بڻائي ٿو ته جيئن بجلي صرف سج جي روشنيءَ مان ئي نه پر ان وقت به دستياب هجي جڏهن عوام کي ان جي ضرورت هجي. هن چيو ته اپريل ۾ قطر مان آر ايل اين جي، جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽ سبب رات جي وقتن ۾ بجلي جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پيو جڏهن ته ڏينهن جي وقت سولرائزيشن بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان لاءِ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز صرف گرڊ جي توازن جو ذريعو ناهي پر پاڪستان جي معاشي ۽ توانائي سلامتي جو اهم ٿنڀ آهي. اويس لغاري چيو ته پاڪستان جي بجلي جو اٽڪل 55 في حصو پهريان ئي پن بجلي، نيوڪليئر، هوا ۽ شمسي توانائي سميت صاف ذيعن مان حاصل ٿي رهيو آهي، حڪومت جو واضح هدف آهي ته 2035ع تائين ان تناسب کي 90 سيڪڙو تائين پهچايو وڃي، صرف تجديد جوڳي توانائي جي سگهه وڌائڻ سان اهو هدف حاصل نه ٿيندو جيڪڏهن بيٽري اسٽوريج ۽ گرڊ فيسيليٽيشن ۾ متوازي سيڙپڪاري نه ڪئي وئي ته هر نئين سولر يا ونڊ صلاحيت گرڊ لاءِ وڌيڪ ڏُکيائيون پيدا ڪندي، ان لاءِ بيٽري اسٽوريج ان پوري سفر جو بنيادي ٿنڀ آهي جيڪو اسان جي هدفن کي عمل جوڳو، اعتماد جوڳو ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪشش بڻائي ٿو، صاف توانائيءَ ۾ سولر کانپوءِ اڳيون باب حڪومت، ريگيوليٽريز، صنعت، سيڙپڪارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن کي گڏجي بيٽري اسٽوريج ۽ فليڪسيبلٽي ذريعي رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف درآمدي بيٽرين تي ڀاڙڻ نه پر پاڪستان ۾ بيٽري پيڪ، انڪلوزرز، سسٽم انٽيگريشن، انجنيئرنگ، سافٽ ويئر ۽ لاڳاپيل ٽيڪانالجي جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ آهي ته جيئن ان تبديليءَ جا معاشي قدر به ملڪ جي اندر ئي پيدا ٿين، ان مقصد تحت صنعت ۽ پيداوار واري وزارت بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز جي مقامي مينيوفيڪچرنگ پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي جنهن ذريعي مقامي سيڙپڪاري ۽ پيداواري صلاحيت جي حوصله افزائي ڪئي ويندي. هن ٻُڌايو ته حڪومت ان شعبي ۾ اثرائتي اڳڀرائيءَ لاءِ قومي بيٽري انرجي اسٽوريج اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي منهنجي حوالي ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ فني ۽ ريگيوليٽري ورڪنگ گروپس به جوڙيا ويا آهن ته جيئن بيٽري اسٽوريج لاءِ واضح مارڪيٽ، مؤثر ضابطن ۽ سيڙپڪاري دوست فريم ورڪ تيار ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ ڊسڪوز ۾ بيٽري اسٽوريج جي پائليٽ منصوبن جي منظوري به ڏني وئي آهي ته جيئن عملي تجربن جي بنياد تي مستقبل جي پاليسي ۽ ريگيوليشن جوڙي سگهجي. هن چيو ته ان سان گڏ ئي حڪومت هڪ جامع قومي بيٽري انرجي اسٽوريج فريم ورڪ تي به ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ حفاظتي معيارن، گرڊ ڪنيڪشن، فني گهُرجن ۽ سيڙپڪارن لاءِ واضح قاعدا ۽ ضابطا شامل هوندا، ان لاءِ اسان کي پنهنجي ترقياتي ڀائيوارن جي فني معاونت، سيڙپڪارن جي اعتماد، ٽيڪنالاجي فراهم ڪندڙن جي تجربن ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ صنعتڪارن جي صلاحيتن جي ضرورت آهي. اويس لغاري چيو ته اسان اهڙيون رپورٽون نٿا چاهيون جيڪي صرف فائلن جي ذينت بڻجن پر اهڙي عمل جوڳيون سفارشون چاهيون ٿا جيڪي پاڪستان جي توانائي جي مستقبل جو رُخ طئي ڪن، اسان اهڙو پاڪستان تعمير ڪري رهيا آهيون جيڪو پنهنجي توانائي لاءِ عالمي غير يقيني صورتحال تي نه پر پنهنجي سج، پنهنجي انجنيئرز، پنهنجي صنعت ۽ پنهنجي صلاحيتن تي ڀاڙي.

مزید خبریں