اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو روينيو 64 ارب رپين مان وڌي 127 ارب رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي چڪو آهي، جنهن عيوض پاڪستان هاڻي بنا ڪنهن پرڏيهي امداد جي پنهنجن وسيلن سان موٽر ويز ۽ شاهراهن جو نيٽ ورڪ ڦهلائي رهيو آهي. ڪرتار پور ۽ ننڪانه صاحب کي جوڙڻ لاءِ تاريخي ”گرونانڪ ايڪسپريس وي“، …
اين ايڇ اي جو روينيو 127 ارب ٿي چڪو آهي، ڪيترين ئي موٽر ويز تي ڪم جلد شروع ٿيندو: مواصلات وارو وفاقي زوير

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو روينيو 64 ارب رپين مان وڌي 127 ارب رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي چڪو آهي، جنهن عيوض پاڪستان هاڻي بنا ڪنهن پرڏيهي امداد جي پنهنجن وسيلن سان موٽر ويز ۽ شاهراهن جو نيٽ ورڪ ڦهلائي رهيو آهي. ڪرتار پور ۽ ننڪانه صاحب کي جوڙڻ لاءِ تاريخي ”گرونانڪ ايڪسپريس وي“، اسلام آباد کان لاهور ۾ 100 ڪلوميٽرن جي بچيٽ لاءِ سيالڪوٽ- کاريان- راولپنڊي شاهراهه ۽ ايم-6 تي جلد ڪم شروع ٿي ويندو. هو اڱاري ڏينهن نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس آڊيٽوريم، اسلام آباد ۾ ”پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي“ جي تقريب کي خاص مهمان طور تي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير شهيدن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته 4 آگسٽ اسان جي قومي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي ۽ سي سي پي او پشاور جي عظمت ۽ شهادت سموري سيڪيورٽي فورسز لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته موٽر وي پوليس جي 59 شهيدن سميت سمورن پوليس جي شهيدن جون قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن. موٽر وي پوليس جي پيٽرولنگ آفيسرن جي تحفظ لاءِ ٽول پلائزن ويجهو جديد پوليس اسٽيشنز، پارڪنگ ۽ ايمبولينس سروس به قائم ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته مري ايڪسپري وي جي مظفر آباد تائين واڌ سان آزاد ڪشمير کي عالمي سفري سهولتون ملنديون، جڏهن ته موٽر وي شاهراهه قراقرم جو بهترين متبادل بڻجي چين سان اسٽريٽجڪ رابطا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ڪراچي پورٽ کان واپاري چُرپر لاءِ ايم-10 ۽ لياري ايڪسپريس وي کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم-6 موٽر وي تي جلد ڪم شروع ٿيندو ۽ بلوچستان ۾ ايم-8 رٿائن سان ايران سان سرحدي واپار کي هٿي ملندي. هن چيو ته گلگت جي سياحتي روڊن تي ڪم جاري آهي ۽ اين-25 ايندڙ سال تائين مڪمل ڪيو ويندو.










