ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران مالي سال 27  2026ع جي لاءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي سي) جي حق ۾ ٽيڪينڪل سپليمينٽري گرانٽ (ٽي ايس جي) جاري ڪرڻ بابت سمري تي غور ڪيو …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران مالي سال 27  2026ع جي لاءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي سي) جي حق ۾ ٽيڪينڪل سپليمينٽري گرانٽ (ٽي ايس جي) جاري ڪرڻ بابت سمري تي غور ڪيو ويو. اي سي سي پي ٽي وي سي جي آپريشنل ۽ لازمي انتظامي خرچن جي وقت سر ادائيگي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ٽه ماهي ۾ 3.25 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ٻن مهينن جي اندر پي ٽي وي سي جي لاءِ هڪ ٺوس مالياتي پائيداري منصوبي سان گڏ اهو معاملو ٻيهر اي سي سي آڏو پيش ڪيو وڃي. اي سي سي مواصلات واري وزارت پاران پيش ڪيل هڪ ٻي سمري تي پڻ غور ڪيو ۽ سيالڪوٽ (سمبڙيال) – کاريان موٽروي (ايم – 12) منصوبي جي لاءِ 27.62 ارب رپيا ماليت جون خودمختيار حڪومتي ضمانتون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو منصوبو بلڊ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (بي او ٽي) ماڊل تحت تعمير ڪيو ويندو. ڪميٽي ان منصوبي جي لاءِ اڳ کان جاري 6.944 ارب رپين جي آپريشنل وايبلٽي گيپ فنڊنگ کي پڻ رول اوور ڪرڻ جي منظوري ڏني. انهن ضمانتن سان رعايتي معاهدو رکندڙ ڪمپني (ڪانسيشنيئر) کي منظور ٿيل نئين مالياتي ڍانچي موجب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) منصوبي جي مالياتي تڪميل ۾ سهولت ملندي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، توانائي (بجلي) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص معاون هارون اختر خان، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں