اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا پائيدار ۽ منصفاڻي امن جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ڳنڍيل آهي، اڄ ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان انهن جي بهادري، ثابت قدمي ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل …
ڏکڻ ايشيا پائيدار ۽ منصفاڻي امن جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ڳنڍيل آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا پائيدار ۽ منصفاڻي امن جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ڳنڍيل آهي، اڄ ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان انهن جي بهادري، ثابت قدمي ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي انهن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي 7 سال مڪمل ٿي چڪا آهن جن جي ذريعي هن عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. صدر چيو ته اهي قدم نه ته ان تڪرار جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل 7 سالن کان لکين ڪشميري شديد پابندين سان زندگي گذاري رهيا آهن جن انهن جي روزاني جي زندگي جي هر رخ کي متاثر ڪيو آهي. صدر چيو ته خاندان غيريقيني صورتحال جو شڪار آهن، نوجوانن جي لاءِ موقعا محدود آهن ۽ معاشري کي هڪ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام درپيش آهي، انهن سمورين مشڪلاتن جي باوجود ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام انصاف حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي جائز حق جي لاءِ ثابت قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اسان هر عالمي فورم تي پنهنجو آواز اٿاريندا رهنداسين جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ۽ منصفاڻي امن جو قيام ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل سان واڳيل آهي. صدر آصف علي زرداري عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ ان پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته پاڪستان توهان سان مضبوطي سان گڏ بيٺل آهي، مشڪلاتن جي باوجود توهان جي ثابت قدمي ۽ حوصلو اسان جي لاءِ تحرڪ جو سبب آهي، توهان اڪيلا نه آهيو، پاڪستان جي عوام توهان جي خودمختياري جي جائز حق کي حاصل ڪرڻ تائين توهان سان گڏ بيٺل رهندي. صدر دعا ڪئي ته الله تعالى ڄمون ۽ ڪشمير جي عوامک ي قوت، صبر ۽ استقامت عطا فرمائي ۽ انهن کي انصاف ۽ امن جي نعمت سان نوازي.










