اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت جا غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته …
ڀارت جا 05 آگسٽ جا قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهنداسين: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت جا غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 5 آگسٽ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جي اونداهي ياد آهي، ان ڏينهن ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي واضح خلاف ورزي آهن. وفاقي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڏاڍ، گهيراءُ ۽ آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ جي حربن جي باوجود ڪشميري عوام جي آزادي جي جذبي کي شڪست نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته ڪشميرين جو خودمختياري جو حق هر قيمت تي تسليم ٿيڻ گهرجي، ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جو واحد پائيدار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ريفرنڊم آهي. عطاءُ الله تارڙ عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت ڪشمير مسئلي کي هر اهم عالمي فورم تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪري رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪشمير ڪاز تي ثابت قدم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکي ٿي، ڀارت کي حقيقتون تسليم ڪندي ڪشميري عوام جي خواهشن جو احترام ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي، پاڪستان انصاف تي ٻڌل امن جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو.










