ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 20219ع ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي ان ڏينهن آرٽيڪل …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 20219ع ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي ان ڏينهن آرٽيڪل 370 ۽ 35 –اَي کي هڪ طرفي طور تي رد ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي بنيادي حقن ۽ حق خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان هر سطح تي ڪشميري عوام جي سياسي،سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. گورنر سنڌ عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀرتو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺن ۽ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي ۽ يوم استحصال ڪشمير ان عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي ته ڪشمير جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکي ويندي.

مزید خبریں