مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ اجلاس، آزاد ڄمون ڪشمير جي عام چونڊن جي ٽئين مرحلي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ۽ پونڇ ڊويزن جي چونڊ ڪوآرڊينيٽر طلال چوڌري جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشيمر جي عام چونڊن جي ٽئين مرحلي جي تيارين بابت جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ڪوآرڊينيٽر، تڪ ڪوآرڊينيٽر ۽ پونڇ ڊويزن مان مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پونڇ ڊويزن ۾ (ن) ليگ جي چونڊ مهم، …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ۽ پونڇ ڊويزن جي چونڊ ڪوآرڊينيٽر طلال چوڌري جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشيمر جي عام چونڊن جي ٽئين مرحلي جي تيارين بابت جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ڪوآرڊينيٽر، تڪ ڪوآرڊينيٽر ۽ پونڇ ڊويزن مان مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پونڇ ڊويزن ۾ (ن) ليگ جي چونڊ مهم، تنظيمي معاملن ۽ پولنگ ڊي جي حڪمت عملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي طلال چوڌري چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ (ن) ليگ جي شاندار ڪاميابي وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي ڪشميري عوام جي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته ڪشميرين کوکلن نعرن بدران ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ کي ووٽ ڏنو آهي ۽ اڄ پاڪستان جو هر علائقو پنجاب جهڙي ترقي چاهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جي بيانن تي ردِعمل ڏيندي سندس چوڻ هو ته هو دل وڏي رکي، ليڊرشپ شڪست تي روئندي سُٺي نٿي لڳي.

مزید خبریں