اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان اڱاري ڏينهن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد عالمي ناليواري بين المذاهب هم آهنگي اسڪالر ڊاڪٽر ليف هيٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي ۽ عالمي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي، رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ تي تفصيلي خيالن …
وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين جي عالمي ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ليف هيٽ لينڊ سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان اڱاري ڏينهن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد عالمي ناليواري بين المذاهب هم آهنگي اسڪالر ڊاڪٽر ليف هيٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي ۽ عالمي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي، رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ گڏيل پُرامن بقا کي هٿي ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي بنا فرق مذهب ۽ عقيدي مساوي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ اسان کي معاشري ۾ امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. وفاقي وزير بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن ٻُڌايو ته مذهبي معاملن واري وزارت قومي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽيون فعال ڪيون آهن، جيڪي ضلعي ۽ صوبائي سطح تي سمورن مذهبن جي عالمن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪن ٿيون. ان کان علاوه اقليتن جي مذهبي ڏينهن کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ، اقليتي برادريءَ جي عبادتگاهن جي تحفظ ۽ رنگ روغن، اقليتي شاگردن لاءِ خاص وظيفا ۽ پيغامِ پاڪستان بيانيي جي واڌ ويجهه جهڙا اهم قدم شامل آهن ته جيئن چڙ ڏيارڻ واري مواد ۽ فرقيواريت جو مؤثر خاتمو ڪري سگهجي. مولانا عبدالخبير آزاد ان موقعي تي چيو ته اسلام جو بنيادي پيغام، امن، سلامتي ۽ انسانيت سان محبت جو آهي، عالم سڳورا ۽ ديني اڳواڻن جو ديني ۽ قومي فرض آهي ته هو معاشري ۾ شدت پسندي ۽ نفرت جي خاتمي لاءِ اڳتي اچن ۽ سمورن مذهبن جي پيروڪارن وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪن. ڊاڪٽر ليف هيٽ لينڊ پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگيءَ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته عالمي سطح تي گڏيل پُرامن بقا لاءِ گڏيل ڳالهيون، احترام ۽ غير مشروط محبت جي سخت ضرورت آهي. ملاقات ۾ بين المذاهب رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل پروگرامن ۽ ورڪشاپس جي بندوبست ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










