اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري يوم شهداءِ پوليس تي وطن جي خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس، دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون، پوليس جي شهيدن جو مقدس رت قومي سلامتي، امن ۽ استحڪام جو بنياد آهي. اڱاري ڏينهن يوم شهداءَ پوليس جي موقعي …
پوليس جي شهيدن جو مقدس رت قومي سلامتي، امن ۽ استحڪام جو بنياد آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري يوم شهداءِ پوليس تي وطن جي خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس، دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون، پوليس جي شهيدن جو مقدس رت قومي سلامتي، امن ۽ استحڪام جو بنياد آهي. اڱاري ڏينهن يوم شهداءَ پوليس جي موقعي تي ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ جو ڏينهن پوليس جي شهيدن جي جرئت، ايثار ۽ فرض شناسي کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، شهيدن وطن جي امن، عوام جي تحفظ ۽ قانون جي سربلندي لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو، پوري قوم پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر ڪري ٿي ۽ سندن قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پوليس جي شهيدن جي ڪٽنبن کي انهن جي عظيم قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو،هن دعا آهي ته الله تعاليٰ سمورن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي، الله تعاليٰ پوليس فورس کي وڌيڪ عزم سان وطن جي خدمت ۽ عوام جي تحفظ جي توفيق ڏئي. هن چيو ته شهيد ڪنهن به قوم جو سڀ کان قيمتي سرمايو هوندا آهن، شهداءَ پوليس اسان جي قومي غيرت، بهادري ۽ قرباني جي زنده علامت آهن.











