پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1116.80 پوائنٽس جي گهٽتائي

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ڪاروبار دوران ٻاڙائي جو رجحان غالب رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1116.80 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 177083.22 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 711.271 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي مجموعي ماليت 25.874 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جو مجموعي سيڙپڪاري (مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن) به 19.953 ٽريلين رپين …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ڪاروبار دوران ٻاڙائي جو رجحان غالب رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1116.80 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 177083.22 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 711.271 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي مجموعي ماليت 25.874 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جو مجموعي سيڙپڪاري (مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن) به 19.953 ٽريلين رپين کان گهٽجي 19.833 ٽريلين رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 563 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 161 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 295 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 107 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڳاڻٽي جي لحاظ سان پاڪ انٽرنيشنل بلڪ 89.708 ملين شيئرز سان سرفهرست رهيو، جڏهن ته ٽرسٽ بروڪريج 86.054 ملين شيئرز ۽ ٽي پي ايل پراپرٽيز 67.239 ملين شيئرز سان ترتيب وار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيون. نمايان اضافي واري ڪمپينن ۾ يوني ليور پاڪستان فوڊز لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 86 رپين جي واڌ کانپوءِ 25386 رپين تائين پهچي وئي، جڏهن ته رفحان ميز پروڊڪٽس ڪمپني ليميٽڊ جي شيئرز 52.70 رپين جي واڌ سان 9301.28 رپين تي بند ٿيا. ٻي طرف نمايان گهٽتائي ڪرڻ واري ڪمپينن ۾ خيبر ٽيڪسٽائل ملز لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 116.09 رپيا گهٽجي 2041.10 رپيا رهجي وئي، جڏهن ته هوئسٽ پاڪستان لميٽيڊ جي شيئرز 76.77 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3916.15 رپين تي بند ٿيا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 377.39 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 52836.31 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1875.51 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 249402.60 پوائنٽس تي بند ٿيو.

مزید خبریں