ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ڪمزور سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ اوڀر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. اولهه …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ڪمزور سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ اوڀر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. اولهه وارين هوائن جو سلسلو به ملڪ جي اتر اولهه وارن علائقن تي اثر انداز آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، پنجاب، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي 44، دادو، دالبندين 43، تربت، نوڪنڊي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں